سَرَتِيُنِ جي سنڌي معنيٰ
سنگتياڻين، ادين، جيڏين، ننڍي ھوندي کان گڏ سکين، سَکين، ڀينرن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Friends, pals, childhood friends. (Only used in female to female friends in Sindhi language.)
سَرَتِيُنِ جا بيتن ۾ حوالا
پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جٖي جَهلِينديُون سي نَہ پُڄَندِيُون،
ڀَلِي ڪَري آيو، ٺاٺارو ڏيھان،
ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِئي، لَٿِي جاکَ ڳَرا،
سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا، ھاڻي ھِنَ ھَنڌان،
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، تُون ھَڏِ آڇِ مَ ماءُ،
تان ڪِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، جان ڪُڙِه اَندَرِ ساھُ،
تان ڪِي واسُ وِھائِيان، ٻاروچي مُلا.
[ سُر سامونڊي، وايون، 1 ]

ڀينَرُ ڀَنڀوران، ڀَڄو تان اُبَھو،
اَڳي ھِنَ ماڳان، سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 9 ]
اَڳي ھِنَ ماڳان، سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 9 ]
سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ ٻانھِين ٿِي ٻُرا ڪَرِيان،
واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ،
تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي مُون جِيئَن مُٺِيئَن نَہ ماءِ،
آرِيءَ جي آڪاھِ، رُلايَسِ روھَنِ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 3 ]
واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ،
تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي مُون جِيئَن مُٺِيئَن نَہ ماءِ،
آرِيءَ جي آڪاھِ، رُلايَسِ روھَنِ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 3 ]
اَچِئو اَچِئو چُوَنِ، وِھُ وِئا تَہ گهورِئا،
سَرَتِيُنِ سانگُ سُکَنِ سين، مُون جِيئَن رَتُ نَہ رُونِ،
اُوءِ مَرُ ويٺِيُون ھُونِ، مُون ساگاتُو سُورَ ٿِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 19 ]
سَرَتِيُنِ سانگُ سُکَنِ سين، مُون جِيئَن رَتُ نَہ رُونِ،
اُوءِ مَرُ ويٺِيُون ھُونِ، مُون ساگاتُو سُورَ ٿِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 19 ]
اَلوِداعُ ھَئَي اَلوِداعُ، جانِئا ڪِيئَڙُئِي جُدا،
ھِي جَو آيو مَڱِڻو، مَتارا ماري،
دوسَ دوسَنِئُون دُورِ ڪَري، ٿو ڏَيا ڏيکاري،
ھَڻُ تُون تَندُ طَرِيقَ جِي، واڄَٽَ سَڀَ واري،
سورَٺِ سَرَتِيُنِ وِچَ ۾، اُڀَڙِي اوساري.
[ سُر سورٺ، وايون، 6 ]
ھِي جَو آيو مَڱِڻو، مَتارا ماري،
دوسَ دوسَنِئُون دُورِ ڪَري، ٿو ڏَيا ڏيکاري،
ھَڻُ تُون تَندُ طَرِيقَ جِي، واڄَٽَ سَڀَ واري،
سورَٺِ سَرَتِيُنِ وِچَ ۾، اُڀَڙِي اوساري.
[ سُر سورٺ، وايون، 6 ]
ڏاھِي ھُيَسِ ڏيھَ ۾، سَرَتِيُنِ ۾ سُڄاڻِ،
ڪا جَا پييَمِ ڪاڻِ، جِيئَن مُنھُن مَٿاھُون نَہ کَڻان.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 21 ]
ڪا جَا پييَمِ ڪاڻِ، جِيئَن مُنھُن مَٿاھُون نَہ کَڻان.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 21 ]
ڳوڙَھَنِ ڳاٽُ ڀَري، جان آيَسِ اَڳُوڻِيءَ ھيرَ،
تان نَہ آتَڻُ نَہ جيڏِيُون، پَلَنگِ ڏِيان ڪيئن پيرَ،
ھاڻ گهيڙ گهُمَندِي ڪيرَ، جِيئَن سَرَتِيُنِ سانگُ سِڌارِئو
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 21 ]
تان نَہ آتَڻُ نَہ جيڏِيُون، پَلَنگِ ڏِيان ڪيئن پيرَ،
ھاڻ گهيڙ گهُمَندِي ڪيرَ، جِيئَن سَرَتِيُنِ سانگُ سِڌارِئو
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 21 ]
ٽَڪُ وِنگِي وَرَ گَهڻا، ڪَتان ڪُڄاڙو،
ڪاپي مَٿان ڪيتِرو، آڻِيان اُڌارو،
جَي وَرُ ڏي وارو، تَہ سُونھان سَرَتِيُنِ وِچَ ۾.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 38 ]
ڪاپي مَٿان ڪيتِرو، آڻِيان اُڌارو،
جَي وَرُ ڏي وارو، تَہ سُونھان سَرَتِيُنِ وِچَ ۾.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 38 ]
ڍيٻَرَ ڪَتَنِ ڍيرِيُون، اوڇَڻُ جَنِي اُنَ،
کَيٿَرِيُون کَٿَنِ ۾، تاڻِئو وِجَهنِ تُنَ،
سَرَتِيُنِ ساڻُ سَمَنَ، آھِينِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 16 ]
کَيٿَرِيُون کَٿَنِ ۾، تاڻِئو وِجَهنِ تُنَ،
سَرَتِيُنِ ساڻُ سَمَنَ، آھِينِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 16 ]
سَرَتِيُنِ سَختُ چَوايو، سِيلُ جَنِي جو سَچُ،
سَتِي تُنھِنجي سَتَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، پَر ۾ ويٺِي پَچُ،
ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، تَہ ٿِيين سَمانِي ساڻيھَ ۾.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 18 ]