سَبَحَ جي سنڌي معنيٰ
قرآن مجيد جي سورتن ”الحديد، الصف ۽ الحشر“ جو پھريون لفظ. مطلب ”پاڪائي بيان ڪن ٿا.“
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The first word of Holy Quran's chapters "Al-hadeed, Al-siff and Al-Hashr". Meaning: "All those who glorify"
سَبَحَ جا بيتن ۾ حوالا
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا سَبَحَ مُنھِنجا سيڻَ،
وَرُ ڏُٿُ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، کُوءِ عُمَرَ جا کيڻَ،
وَرُ ويڙهِيچاڻا ويڻَ، کُوءِ سونُ تُنھِنجو سُومَرا.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 4 ]
وَرُ ڏُٿُ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، کُوءِ عُمَرَ جا کيڻَ،
وَرُ ويڙهِيچاڻا ويڻَ، کُوءِ سونُ تُنھِنجو سُومَرا.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 4 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ مُنھِنجا سيڻَ،
بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، نِتُ ٽِمايَمِ نيڻَ،
تَمَرُ بُرَ بِريان اُنِ جا، کاڄَ خُرما کيڻَ،
وِرھُ ٿِئَڙَمِ ويڻَ، اَعرابِنِ جي اِحسانَ جا.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 5 ]
بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، نِتُ ٽِمايَمِ نيڻَ،
تَمَرُ بُرَ بِريان اُنِ جا، کاڄَ خُرما کيڻَ،
وِرھُ ٿِئَڙَمِ ويڻَ، اَعرابِنِ جي اِحسانَ جا.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 5 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ رَهِئامِ،
بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ،
ويڙِهِيچا وُجُودَ مان، ڪَنھِن ويلَ نَہ وِسَرِئامِ،
سُخُنَ جٖي سَندانِ، سيئِي ويٺِي سارِئان.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 6 ]
بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ،
ويڙِهِيچا وُجُودَ مان، ڪَنھِن ويلَ نَہ وِسَرِئامِ،
سُخُنَ جٖي سَندانِ، سيئِي ويٺِي سارِئان.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 6 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ سَندامِ،
بَندَ ۾ بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ،
عُمَرَ اَباَڻَنِ کي، ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ،
ويڙِهيچا وُجُودَ مان، ڪَنھِن ويلَ نَہ وِسَرِئامِ،
پانڌِي روزُ پُڇِئامِ، اُڀي اَباڻَنِ جا.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 7 ]

زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ رَهَنِ،
بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، اَکِيُون رَتُ رُئَنِ،
اوٺِي اَباڻَنِ جا، اللهَ ڪي اَچَنِ،
مُون کي خَبَرَ خَيرَ جِي، سَندِي ڏيھَ ڏِيَنِ،
آرو اَکَڙِيُنِ، آھي عَرَبَ پارَ جو.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 8 ]
بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، اَکِيُون رَتُ رُئَنِ،
اوٺِي اَباڻَنِ جا، اللهَ ڪي اَچَنِ،
مُون کي خَبَرَ خَيرَ جِي، سَندِي ڏيھَ ڏِيَنِ،
آرو اَکَڙِيُنِ، آھي عَرَبَ پارَ جو.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 8 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ سَدا،
اوٺِي اَباڻَنِ جا، اللهَ ڪي اِيندا،
مُون کي خَبَرَ خَيرَ جِي، سَندِي ڏيھَ ڏِيندا،
چُڪِيءَ کي چُوندا، سَرَهائِيُون ساڻيھَ جُون.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 9 ]
اوٺِي اَباڻَنِ جا، اللهَ ڪي اِيندا،
مُون کي خَبَرَ خَيرَ جِي، سَندِي ڏيھَ ڏِيندا،
چُڪِيءَ کي چُوندا، سَرَهائِيُون ساڻيھَ جُون.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 9 ]
English Meaning
The first word of Holy Quran's chapters "Al-hadeed, Al-siff and Al-Hashr". Meaning: "All those who glorify"
سَبَحَ ٻول جا زمرا