ريٻارِڻِ جي سنڌي معنيٰ
ريٻاري قبيلي جي عورت (جنھن کي ڪڇ جي راءِ کنگهار پاڻ وٽ رھايو جو ھو مٿس موھت ھئو. ڪڇ جي روايت موجب ريٻارڻ سھڻي ھئي ءٌ سندس نالو ئي چئينچل ھو. ريٻارڻ راءِ کنگهار کي پنھنجي محبت ۾ قابو ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ لاکي کي روڪي، ڇاڪاڻ جو لاکو ريٻارين جي وڳن جون لوڙيون ھڻندو ھئو.)
ذريعو:روشني
English Meaning
A woman of Rebaree community. Here her name was Chainchal, she was beloved of Rai Khanghar a Roy of Kachh region. She was very much beautiful woman.
ريٻارِڻِ جا بيتن ۾ حوالا
ريٻارِڻِ ريجهاءِ، لاکو لُولاٽِنِ سين،
سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٽِ مَٽائي ٺاڪُرو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 16 ]
سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٽِ مَٽائي ٺاڪُرو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 16 ]
ريٻارِڻِ روئِي، واڙي پاتا وَڇَڙا،
سَمُورا سوئِي، ھَڻي ساٿَ ھيڪَلِي.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 17 ]
سَمُورا سوئِي، ھَڻي ساٿَ ھيڪَلِي.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 17 ]
رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀي ڍَنگهَرَ جَهلَ،
ٻَڙِي ھِتان ٻَلَ، ڪيتِريُون ڪاھي وئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 18 ]
ٻَڙِي ھِتان ٻَلَ، ڪيتِريُون ڪاھي وئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 18 ]
رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا،
کَرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچَلِ اُڀِي چوءِ،
واڙي وَڇُ نَڪو، لاکو لوڙائِنُ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 20 ]
کَرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچَلِ اُڀِي چوءِ،
واڙي وَڇُ نَڪو، لاکو لوڙائِنُ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 20 ]
رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀِي ڍَنگهَرَ ڍارَ،
وَڃَنِ اَڄُ وَڳَ ھَڻِئو، سُئِم جي سُوارَ،
ڪاڇي ٻِنِهي پارَ، ڌاڪو ھِنِ جو دِسِيين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 19 ]