حُضُورُ جي سنڌي معنيٰ
حاضري، موجودگي، روبرائي. درٻار.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Presence of a superior authority.
حُضُورُ جا بيتن ۾ حوالا
سَڀَتِ پَچَرَ پِرِينءَ جِي، سَڀَتِ ھوتُ حُضُورُ،
مُلڪُ مِڙيئِي مَنصُورُ، ڪُھِي ڪُھِبا ڪيتِرا.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 2 ]
مُلڪُ مِڙيئِي مَنصُورُ، ڪُھِي ڪُھِبا ڪيتِرا.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 2 ]
ڏاتَرَ مُون ڏيکارِئو ھوتَنِ جو حُضُورُ،
پِرِيَنِ پَرچَڻَ جو ڪِئو، موٽائي مَذڪُورُ،
اِيءُ دوسِتَنِ جو دَستُورُ، جِيئَن ڇِنان ڇِنَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 15 ]
پِرِيَنِ پَرچَڻَ جو ڪِئو، موٽائي مَذڪُورُ،
اِيءُ دوسِتَنِ جو دَستُورُ، جِيئَن ڇِنان ڇِنَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 15 ]
ڪارِي راتِ اَڇو ڏِينھُن، اِيءَ صِفَتان نُورُ،
جِتي پِرِينءَ حُضُورُ، تِتي رَنگُ نَہ رُوپُ ھو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 8 ]
جِتي پِرِينءَ حُضُورُ، تِتي رَنگُ نَہ رُوپُ ھو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 8 ]
English Meaning
Presence of a superior authority.