حُضُورِ جي سنڌي معنيٰ
حضور ۾، حاضريءَ ۾، موجودگيءَ ۾، روبرو ٿي. درٻارِ ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In presence of a superior authority.
حُضُورِ جا بيتن ۾ حوالا
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پُورِ،
مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ،
جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن سَڄَڻَ ڏُورِ،
اللهَ لَڳِ اَسُورِ، اُتائِين ٿِي آءُ تُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 2 ]

ڏيھُ ڏِيھائِين ڏُورِ، پَرَ ڏيھان پَري ٿِئو،
سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَراھين پُورِ،
تُون ٿو وَڃين ھوتَ حُضُورِ، مُنھِنجو جِيئَڻُ جيلاھِين ٿِئي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 8 ]

تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ،
سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ،
ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ، اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 9 ]

تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ،
سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو،
ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ،
اُڀِي اَرداسُون ڪَري، حَمِيراڻي حُضُورِ،
مُون کي ويلَ نَہ وِسَري، مارُوءَ سَندِي مُورِ،
سانبِي سارِئَمِ سُومَرا، ڏيھِي وِئَڙا ڏُورِ.
[ سُر مارئي، وايون، 9 ]

سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ مُورِ،
گَهڻي ٿوري ڏِينھَڙين، ويندِيَسِ هُتِ حُضُورِ،
مَڇُڻِ ٿِي مَلُورِ، ڪَنڌُ مَٿاهُون نَہ کَڻان.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 16 ]

هيڪاندِيءَ حُضُورِ، جٖي گهَرِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا،
سيئِي سِڪان سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ،
حَمِيراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مَڃِيندِيَسِ مُورِ،
سَنجهي سَتِ گُذارِيان، اَچي شالَ اَسُورِ،
دَران ٿِيان مَ دُورِ، مارُو ڄامَ مَلِيرَ جا.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 3 ]

جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا پَرُوڙِ،
اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ،
ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،
پَکِي پھرِين پُورِ، ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 17 ]