حُضُورَ جي سنڌي معنيٰ
حاضريءَ، موجودگيءَ، روبرائيءَ. درٻار ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In presence of a superior authority.
حُضُورَ جا بيتن ۾ حوالا
اُونِهي مان اُڪارِيين، ھادِي ڏيئِي ھَٿَ،
ڏي دِلاسو دوسَ مُون، ڪامِلَ ٿِيئيمِ قُوَتَ،
سَندِي ساھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسان حُضُورَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 17 ]
ڏي دِلاسو دوسَ مُون، ڪامِلَ ٿِيئيمِ قُوَتَ،
سَندِي ساھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسان حُضُورَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 17 ]
جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ،
لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ،
تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان ھوتُ حُضُورَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 29 ]
لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ،
تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان ھوتُ حُضُورَ ۾.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 29 ]
جَي رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِئو چَڙھي،
لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، ھَلي ڏانھَن حُضُورَ،
رَھِئا سَڀَ رِڃُنِ ۾، سَسُئِيءَ جا سالُورَ،
ساڄَنُ ميڙِئُسِ سُورَ، سُکَ نَہ ميڙِئُسِ سُپِرِين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 16 ]
لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، ھَلي ڏانھَن حُضُورَ،
رَھِئا سَڀَ رِڃُنِ ۾، سَسُئِيءَ جا سالُورَ،
ساڄَنُ ميڙِئُسِ سُورَ، سُکَ نَہ ميڙِئُسِ سُپِرِين.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 16 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي،
ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي،
ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي،
ڪَڍِي تَنھِن ڪاتِي، وِڌو ڪَرٽَ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 5 ]