جِگرَ جي سنڌي معنيٰ
جيرا، ڪليجا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Livers, hepars
جِگرَ جا بيتن ۾ حوالا
ٽانڊين ڪانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 3 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 3 ]
سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي،
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
ڪِئائُون قَلبَ کي، طَرَحَ تَنُورا،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڪَپي ڪِئائُون ڪورا،
سِيخُنِ ۾ سُورا، تَرِيائون تَرتِيبَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 9 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڪَپي ڪِئائُون ڪورا،
سِيخُنِ ۾ سُورا، تَرِيائون تَرتِيبَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 9 ]
ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِئا، سائُو صُلحَدارَ،
آرَڙَ ۾ اِحسانَ سين، سُوڀا ٿِئا سَردارَ،
ھِڪُ ڀائُرَ، ٻِئا ڀائِٽِئا، ٽِئا جانِي جِگرَ يارَ،
حُورُنِ ٻَڌا ھارَ، سهِرا شَهِيدَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 2 ]
آرَڙَ ۾ اِحسانَ سين، سُوڀا ٿِئا سَردارَ،
ھِڪُ ڀائُرَ، ٻِئا ڀائِٽِئا، ٽِئا جانِي جِگرَ يارَ،
حُورُنِ ٻَڌا ھارَ، سهِرا شَهِيدَنِ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 2 ]
ڪُتو ڪُرٽي ھَڏِيُون، جَوانَمردُ جِگرَ کاءِ،
اَلدُنیا جیفَتہ وَ طالِبَھا ڪَلاب ، اِيءَ ھِنيَين سين لاءِ.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 10 ]
اَلدُنیا جیفَتہ وَ طالِبَھا ڪَلاب ، اِيءَ ھِنيَين سين لاءِ.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 10 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِنگاَ وَرَ واٽُنِ،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، آرِيءَ لَيءِ آٽَنِ،
ڪَسي ڪَنواٽَنِ، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 7 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، آرِيءَ لَيءِ آٽَنِ،
ڪَسي ڪَنواٽَنِ، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 7 ]
ڪَلَ نَہ پييَمِ ڪا تَہ ڪو ھوتُ وَٺِي ويندا، اَدا ڏيرا،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڀانڀَڻِ ڪَري ٻيرا،
پَسان شالَ اَکِيُنِ سين، دوسِتَ سَندا ديرا،
ساجُهرِ سيڻَنِ لَڏِئو، پوءِ ٿي پُڇي پيرا،
ٻَڙَڪَنِ ٿا ٻانڀَڻِ جا،جِگرَ ۽ جيرا،
ڏانيُئِي نَہ ڏانگهَنِ کي، وَنگِيُئِي نَہ تَنھِن ويرا،
کانئِيندِيَسِ کيرِنِ ۾، جانِبَ لاءِ جيرا.
[ سُر حسيني، وايون، 24 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ دِلِ ۾ ديڳِ چاڙِه،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڦِڦِڙَ ڦوڙي ٻارِ،
تَہ قادِرُ تُنھِنجِي ڪارِ، خالِقُ خالِي نَہ ڪَري.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 14 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڦِڦِڙَ ڦوڙي ٻارِ،
تَہ قادِرُ تُنھِنجِي ڪارِ، خالِقُ خالِي نَہ ڪَري.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 14 ]
پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري،
ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري،
جَو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تاڻِيان تِيرُ نَہ نِڪِري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 8 ]
ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري،
جَو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تاڻِيان تِيرُ نَہ نِڪِري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 8 ]
English Meaning
Livers, hepars
جِگرَ ٻول جا زمرا