جُوءِ جي سنڌي معنيٰ
جاءِ، هنڌ، ماڳ. زمين، ملڪ. مال جي چَرڻ جي جاءِ، سِيم، چراگاھُ، مخصوص ايراضي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Place, station, the den or lay of a wild animal. Intensity of vision, taking good aim.
جُوءِ جا بيتن ۾ حوالا
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ،
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
تارا تيلِيءَ رُوءِ، آئُون تو ڏُونھِن گهَڻو نِھارِيان،
سَڄَڻُ جَنھِين جُوءِ، تُون تيڏاھيِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 6 ]
سَڄَڻُ جَنھِين جُوءِ، تُون تيڏاھيِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 6 ]
اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَھَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِئا،
آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آھي اَڙانِگي جُوءِ،
ڪَڏِھِين ڏِسَندَيِسِ رُوءِ، وَرِي ھِنِ اَکِيُنِ سين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 12 ]
آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آھي اَڙانِگي جُوءِ،
ڪَڏِھِين ڏِسَندَيِسِ رُوءِ، وَرِي ھِنِ اَکِيُنِ سين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 12 ]
ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھُوءِ، سُتي سَنڀارَنِ جي،
چَڙَنِ چِتُ چورِئو، جُونڪُ ٿِئَڙُمِ جُوءِ،
مَحَبتَ ۽ مَجازَ جي، باللہ پييَمِ بُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، ديکِيان دوسِتَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 11 ]
چَڙَنِ چِتُ چورِئو، جُونڪُ ٿِئَڙُمِ جُوءِ،
مَحَبتَ ۽ مَجازَ جي، باللہ پييَمِ بُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، ديکِيان دوسِتَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 11 ]
اللهَ سَڀَ جِيَنِ، مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون،
ڪارِيُون، ڪُنڍِيُون، ڪَڪِيُون، وارا ڪِئو وِيَنِ،
جُوءِ جَا جادارَنِ جي، اُتِ ٻيلا ٻَھَ ٻَھَ ڪَنِ،
اَچِي ريلَ رَھَنِ، مُون سانڀارا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 25 ]
ڪارِيُون، ڪُنڍِيُون، ڪَڪِيُون، وارا ڪِئو وِيَنِ،
جُوءِ جَا جادارَنِ جي، اُتِ ٻيلا ٻَھَ ٻَھَ ڪَنِ،
اَچِي ريلَ رَھَنِ، مُون سانڀارا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 25 ]
مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪِيمَ مَرَنِ،
ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ،
جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 27 ]
ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ،
جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 27 ]
آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 3 ]
سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 3 ]
جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيُمِ قَلبُ قَرارُ،
وِچائِين وَھِلو وِئو، لَٿو غَمُ گُسارُ،
نِظارو نِروارُ، پِيَ پَسايُمِ پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 4 ]
وِچائِين وَھِلو وِئو، لَٿو غَمُ گُسارُ،
نِظارو نِروارُ، پِيَ پَسايُمِ پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 4 ]
ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ، اُتَران ٿِي آيُون،
ڀَري تَڙَ تَرايُون، جوڙي ھَلِيو جُوءِ،
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، اُٺِيُون روضي تان رَسُولَ جي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 12 ]
ڀَري تَڙَ تَرايُون، جوڙي ھَلِيو جُوءِ،
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، اُٺِيُون روضي تان رَسُولَ جي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 12 ]
جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَلِئا فِردَوسَ ڏي،
فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ،
يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ، اُنِهين جِي اِحسانَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 9 ]