جَنگِ جي سنڌي معنيٰ
لڙائي، ويڙه، جُڌِ، يُڌِ، آراڙو، پيڪار، رَزم، مَعرِڪو، ڪيڏارو. جهيڙو، دشمني.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
War, battle, a fight.
جَنگِ جا بيتن ۾ حوالا
حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جِي، سُئِي جَنگِ جھانَ،
اُڏاڻا اُورِ ڪَري، ڪارين پَکِين ڪانَ،
پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيِّدَ سَڀَ مَلهائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 10 ]
اُڏاڻا اُورِ ڪَري، ڪارين پَکِين ڪانَ،
پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيِّدَ سَڀَ مَلهائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 10 ]
ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران،
چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران،
اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس آن مَٿان،
لَا يُڪَلِّفُ اللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا ، ڪَندُسِ وَسَ وَڏا،
گهوٽَ پِہ لَڳا گهاءَ، اِي پُڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 1 ]

مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا،
دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي،
شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ سيجَ نَہ ماڻي،
اَنُ نَہ پاڻِي اُنِ کي، نَڪو وَٺَڙُنِ مِينھُن،
ھُئا سَٽاڻِيءَ جَنگِ ۾، ڏَھَ راتِيُون ڏَھَ ڏِينھَن.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 4 ]

سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ،
آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ،
وَھمَ حِيلا پَنھِنجا، مَنجهان مَنَ واڍوڙِ،
نا جي نَفسُ نِھوڙِ، تَہ رازُ پَسِين اِنَ رِڻَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 4 ]
آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ،
وَھمَ حِيلا پَنھِنجا، مَنجهان مَنَ واڍوڙِ،
نا جي نَفسُ نِھوڙِ، تَہ رازُ پَسِين اِنَ رِڻَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 4 ]
مارِ مَ مُطِيعَلَ کي، مَجُوسِيءَ کي مارِ،
وَڏِي جَنگِ مَ وِسارِ، نَنڍِيان نَفَعُ ناھِ ڪِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 2 ]
وَڏِي جَنگِ مَ وِسارِ، نَنڍِيان نَفَعُ ناھِ ڪِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 2 ]
English Meaning
War, battle, a fight.