جاڙَ جي سنڌي معنيٰ
ڏاڍائي، ڏاڍ، جُٺ، تعدي، زبردستي، ظلم، زوري، سختي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Neglect, stupidity, dependence.
جاڙَ جا بيتن ۾ حوالا
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِئَڙُمِ جاڙَ،
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
پَرٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذارِيُمِ جيڏِيُون،
جَنِي مُون کي مارِئو، سُورَنِ سين ساڙي،
ايرادي آڻي، سانگِيَنِ سين سَڱُ ڪِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 10 ]
جَنِي مُون کي مارِئو، سُورَنِ سين ساڙي،
ايرادي آڻي، سانگِيَنِ سين سَڱُ ڪِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 10 ]
وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري،
دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻ ڀُڻ توءِ سُياءِ،
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نَہ سِياءِ،
پُنهونءَ سين پيياءِ، تُون نِڀاڳِي نِنڊُون ڪَريين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 11 ]
دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻ ڀُڻ توءِ سُياءِ،
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نَہ سِياءِ،
پُنهونءَ سين پيياءِ، تُون نِڀاڳِي نِنڊُون ڪَريين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 11 ]
ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾،
ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو،
پَٻُ پارَسَ ھوتَ پُنهونءَ، سَڀَيئِي سونُ ڪِئو،
سُرَھو ساٿُ سَيِّدَ جو، واسي وِندُر وِئو،
ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، اِي قَضا ڪَمُ ڪِئو،
آھي عَبدِالْلَطِيفَ جو، سَڌَرَ ساڻُ سِهو.
[ سُر حسيني، وايون، 17 ]

تِيئان مُومَلَ موٽَڻُ لِکِئو، سَھِسين جِيئَان سِکَنِ،
سي ھُونھِين جاڙَ جِيَنِ، جٖي ڪوري ڪاغَذِ آيُون.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 15 ]
سي ھُونھِين جاڙَ جِيَنِ، جٖي ڪوري ڪاغَذِ آيُون.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 15 ]
جِيئَن اِينديئِي موٽِيين مَينڌَرا، وَڏِي جاڙَ ڪِئاءِ،
وِڙُ نَہ ھُئَين وَلَها، ھُوندَ جَٽي مُون جاڳاءِ،
سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهِيائِي ٿِيَئِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 7 ]
وِڙُ نَہ ھُئَين وَلَها، ھُوندَ جَٽي مُون جاڳاءِ،
سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهِيائِي ٿِيَئِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 7 ]
جوڳي جاڙَ ڪَري، مُون ڀورِيءَ نَہ پُڇئا،
ھُيون جَنِ ڳَري، سُڌِيُون سَندِيُون سَڄَڻين.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 12 ]
ھُيون جَنِ ڳَري، سُڌِيُون سَندِيُون سَڄَڻين.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 12 ]
سَٻيرِيءَ سَيِّدُ چئَي، جَي ٿا پُڇَنِ اَنُ،
تَنِ ڪاپَڙِيَنِ ڪَنُ، جوڳِي چائِينِ جاڙَ ٿا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 14 ]
تَنِ ڪاپَڙِيَنِ ڪَنُ، جوڳِي چائِينِ جاڙَ ٿا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 14 ]
مَٿان مَنَھَن مُنھِنجي، ڪَنھِن اُڏايو ڪانءُ،
ڳِنِهِي آيو ڳالِهڙِي، سَندِي سُپيرِيان،
جيڏِيُون جاڙَ ڪِيانءَ، سومِ ھُوندَ سَنِيھَڙو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 11 ]
ڳِنِهِي آيو ڳالِهڙِي، سَندِي سُپيرِيان،
جيڏِيُون جاڙَ ڪِيانءَ، سومِ ھُوندَ سَنِيھَڙو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 11 ]
راءَ سين رُٺا جٖي، تَنِ جاڙيجَنِ جاڙَ ڪِي،
ڪِيئَن ماڻِيندا سي، چوڏَھن چارو ڪَڇڙو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 6 ]
ڪِيئَن ماڻِيندا سي، چوڏَھن چارو ڪَڇڙو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 6 ]
English Meaning
Neglect, stupidity, dependence.