توڙي جي سنڌي معنيٰ
جيتوڻيڪ، اگرچ، توڻي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Although, though, if.
توڙي جا بيتن ۾ حوالا
توڙي وِلاڙُون ڪَرِيين، توڙي ھَلين وِکَ،
لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 23 ]
لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 23 ]
توڙي تَڙِيين تُون، تو دَرُ توءِ نَہ ڇَڏِيان،
مُون کي سو مُشاھِدو، جي مُنھُن نَہ ڏِيِين مُون،
مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا، آھِين تُونھِين تُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 5 ]
مُون کي سو مُشاھِدو، جي مُنھُن نَہ ڏِيِين مُون،
مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا، آھِين تُونھِين تُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 5 ]
ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ،
جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ،
ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 28 ]
جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ،
ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 28 ]
اَکِيُون مُنھُن ميھارَ ڏي، جَنِ رَکِيُون جوڙي،
ريءَ سَنڊَ سَيِّدُ چئَي، تارِ گهِڙَنِ توڙي،
تَنِي کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 6 ]
ريءَ سَنڊَ سَيِّدُ چئَي، تارِ گهِڙَنِ توڙي،
تَنِي کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 6 ]
ڪا جَا ڪُنَ ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻَ ۾،
آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ،
توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ اُنَ کي نَہ لَھي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 21 ]
آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ،
توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ اُنَ کي نَہ لَھي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 21 ]
ڪَنڊا مُون پيرَنِ ۾، توڙي لَکَ لَڳَنِ،
آڱُرِ آڱُوٺي نَہ مَڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِننِ،
ويندي ڏُونھِن پِرِيَنِ، جُتِيءَ ذاتِ نَہ پايان.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 11 ]
آڱُرِ آڱُوٺي نَہ مَڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِننِ،
ويندي ڏُونھِن پِرِيَنِ، جُتِيءَ ذاتِ نَہ پايان.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 11 ]
مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي وِجُهہ مَ ويرُ،
دِلِ ۾ آڻِ مَ دَورُ تُون، سَندو ڦِرَڻ ڦيرُ،
توڙي لَھين نَہ پيرُ، راحَتَ آھي رِڙَهڻَ ۾.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 3 ]
دِلِ ۾ آڻِ مَ دَورُ تُون، سَندو ڦِرَڻ ڦيرُ،
توڙي لَھين نَہ پيرُ، راحَتَ آھي رِڙَهڻَ ۾.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 3 ]
ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڙي وَسَنِ مِينھَڙا،
صاحِبَ ھَٿِ سُڪارُ، ھِنَ وَسِ آھِينِ ھَٿَڙا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 19 ]

رَچِي جٖي ريٽو ٿِئا، ڪِينَ اُٻاٽِجَنِ اُوءِ،
کُنڀُ نَہ کاريۡ تَنھِن کي، جو ھالارِي ھوءِ،
توڙي ڌوٻِي ڌوءِ، توءِ لالِي تَنھِين نَہ لَھي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 6 ]
کُنڀُ نَہ کاريۡ تَنھِن کي، جو ھالارِي ھوءِ،
توڙي ڌوٻِي ڌوءِ، توءِ لالِي تَنھِين نَہ لَھي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 6 ]
English Meaning
Although, though, if.