بَرُ جي سنڌي معنيٰ
رڻ پٽ، بيابان. (جتي انساني آبادي نہ ھجي.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A barren plain, a desert, waste.
بَرُ جا بيتن ۾ حوالا
کاڻا لاڻا ڪَرَھا، چانگا ھَڏِ مَ چَرُ،
سُڄي ٿو سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان بيدِي بَرُ،
ڍَڪِيءَ ھَلِي ڍَرُ، تَہ کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 37 ]

جُهولي جُهڻِڪَ جُهِني ڪِي، ويٺِي ٻُڪي ٻاڦَ،
آيَمِ تَنِ اُٺَنِ سين، جَنِ جا پيرَ ڌُڌا ڌَڙَ دافَ،
لَنگهِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، توڏا تَڙٻنگَ تافَ،
ٻِي ڪيرَ لَنگهِيندِي ڪافَ، ھِيءُ بَرُ بِرَھمَڻِ باسِئو.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 13 ]

بِرھَ مَڻايُسِ بَرُ، نَہ تَہ سُکِي ڪيرَ سَڌُون ڪَري،
گهَڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ،
وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جا سابِ پِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 14 ]

وَرَ ۾ ڪونِهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪِئو،
نِھارِيندِيَسِ نِڪِرِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھَ رَتِيُون ٿِيين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 15 ]

بَرُ وَڏو بارِ گَهڻي، ويجهو نَہ وَڻِڪارُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ،
وَڻَندُنِ تَہ وَرِ ڪَندا، تَہ اَڳِيَنِ جي اِختِيارِ،
ڪيٿي ٿِئو ڪوھِيارُ، ڪيٿي ٿِي ھَٿَ کَڻي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 8 ]

ڪيڙي ڪيچايَنِ، گورا گَسِ ھَلايا،
لَڙئو چَڙِهئو چوٽِيين، ڪَرِئو ڪوھَ ڪِرنِ،
لَتاڙي لَطِيفُ چئَي، لَنگهِئو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِھَڙِي چُڪَ چانگَنِ، ھوتُ حِمايَتِي جَنِ جو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 11 ]

جاڳائي جَتَنِ، گورا گَسِ ھَلايا،
پَھتِي ريءَ پَھاڙَ ۾، اُٺَ مَ آڳِٽِجَنِ،
سُونھان جٖي سَردارَ سين، توڏَ مَ تَرٽِجَنِ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، لَنگِهئو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِھَڙو غَمُ گُنگَنِ، ھوتُ حِمايَتِي جَنِ جو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 12 ]

جيڏِيُون جي مان وِسَهو، تَہ ڪِينَ سُٻيلِي سُکُ،
بَرُ بورائُو تَنِ جو، ڏُونگَرَ جَنِي ڏُکُ،
آرِيءَ جو اَھُکُ، رَھنُما راھَ ٿِئو.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 24 ]

ٿَرُ گَجِئو بَرُ گَجِئو، گَجِئو ديسان ديسِ ،
واھَ تَنِي جي ويسِ، جي وِڄُون وَسَڻَ آيُون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 11 ]