بِرھَ جي سنڌي معنيٰ
وِره، جدائي، وڇوڙي جو درد. فراق، ڦوڙائو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The separation of friends or the pain arising there from.
بِرھَ جا بيتن ۾ حوالا
عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو،
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]

کاري کيڙائُو، بِرھَ بُوبُ بَناءِ،
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، ساڄا سِڙَه سباءِ،
پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَ اولِيُون، لاڄُو سَڀَ لَڳاءِ،
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، کُوھا خُوبُ کَڻاءِ،
تَہ سامُونڊِي سَندِياءِ، سَچِي ساکَ اُبَھي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 24 ]

بِرھَ مَڻايُسِ بَرُ، نَہ تَہ سُکِي ڪيرَ سَڌُون ڪَري،
گهَڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ،
وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جا سابِ پِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 14 ]

ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
اوٺِيَنِ اُٺَ پَلاڻِئا، تاڻي ٻَڌائُون تانگَ،
جِيءَ جَڙَھُيَمِ جَنِ سين، سي پِرِين ٿِئا پاَسانگَ،
مَتان ڪا مُون سان ھَلي، نِينھُن مِڙيوئِي نانگُ،
عاشِقَ سُڻِي اُٿِئا، بِرھَ وارِيۡ بانگَ،
اَڌَ مُئِي ڪَئِي آھيان، ڪِي جو ڪَھِيو ڪانگَ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، تُڪا ھينَڙَمِ، تانگهَہ.
[ سُر ديسي، وايون، 14 ]

سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو، پاڻِي پِنييءَ ھيٺِ،
ٻَڌِئو بِرھَ بيٺِ وَڃي ڪَپِيندِي ڪُنَنِ کي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 7 ]