بَرَنِ جي سنڌي معنيٰ
رڻ پٽن، بيابانن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Barren plains, a deserts.
بَرَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ھي جٖي آيا ھيرَ، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾،
آئُون تَرسان ھُو تَڪِڙا، پَٽِ نَہ کوڙِينِ پيرَ،
ڀَنڀُولِيَسِ بَرَنِ ۾، پَسِي ڀِينڊِيَنِ ڀيرَ،
آءُ آرِياڻِي اُسِرِي، ٿِي واھَرَ جِي ويرَ،
ھِيءَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ، تُون پارِس رَسِجِ پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 6 ]

ڍَرَنِ تِتِ ٻَرَنِ، ڪوڙيِين قَندِيلَنِ جُون،
رَھَنِ ڪَٽي ڪَنڌِيين، بوتا مَنجِهہ بَرَنِ،
وَڻَ ٽِڻَ ڦُلَنِ ڇانيا، چانگا جِتِ چَرَنِ،
وَڃِي مانَ وَرَنِ، ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 18 ]

ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، رُئَڻُ مُون رِياءُ،
بَرَنِ مَنجِهہ بُڪاءُ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻُڌُمِ جيڏِيُون.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 4 ]

لَڳو مَنجِهہ لَڪَنِ آيَلِ تازو پيرُ پُنهونءَ جو،
نَڪِي واؤ وِڃايو، جهورِئو تان نَہ جَهڪُنِ،
بورائُو بَرَنِ جو، ريڙِھي مَنجِهہ رِڃُنِ،
کِھَ کَٿُورِئان اَڳَرِي، ھاڻِي جا ھوتَنِ.
[ سُر حسيني، وايون، 3 ]

ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ،
اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀِيَنِ،
ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِيئَن گهُمَنِ،
فِراقِي فَرمانَ جو، آھي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
لَنگهان ٿِئو لاھُوتَ کي، سُتا پِئا سِڪَنِ،
کَپَتِ کاھوڙِيَنِ، آھَ اُٿي پي نَہ لَھي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 1 ]
اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀِيَنِ،
ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِيئَن گهُمَنِ،
فِراقِي فَرمانَ جو، آھي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
لَنگهان ٿِئو لاھُوتَ کي، سُتا پِئا سِڪَنِ،
کَپَتِ کاھوڙِيَنِ، آھَ اُٿي پي نَہ لَھي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 1 ]
English Meaning
Barren plains, a deserts.
بَرَنِ ٻول جا زمرا