اُونداھِي جي سنڌي معنيٰ
اُوندھِ. تاريڪي. ڪاري رات، اماس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dark, dark night, black.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
اُونداھِي جا بيتن ۾ حوالا
سَھِسين سِجَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊَنِ،
باللہ ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداھِي ڀانيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 20 ]
باللہ ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداھِي ڀانيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 20 ]
چَنڊَ مَ اُڀِرُ سَنجَهہ، تَہ اُونداھِي اَجهو ڪَرِيان،
ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 23 ]
ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 23 ]
چَنڊَ لڳنئِي مَنڊَ، سَنجهيئِي ٿو شِيخَ ٿِئَين،
ڪَرِ اُونداھِي اَنڌَ، تَہ مِلان مَحبُوبَنِ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 26 ]
ڪَرِ اُونداھِي اَنڌَ، تَہ مِلان مَحبُوبَنِ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 26 ]
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، اُڻَٽِيھِين اُونداھِي،
چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي،
ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي،
اِيءُ ڪَمُ اِلاھِي، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪِيرَ گهِڙي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 16 ]
چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي،
ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي،
اِيءُ ڪَمُ اِلاھِي، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪِيرَ گهِڙي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 16 ]
راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، نَہ ڪا سِيڻاھِ ساڻُ،
وِجِهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ،
مَحَبتَ کي مَھِراڻُ سُڪِي سَڀَ پَٽُ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 17 ]
وِجِهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ،
مَحَبتَ کي مَھِراڻُ سُڪِي سَڀَ پَٽُ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 17 ]
راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، مَٿان وَسِئو مِينھُن،
ھِڪِڙو ڀَئُہ بيراھَ جو، ٻِئو سانڀاران شِينھُن،
شالَ مَ ڇِڄي نِينھُن، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 18 ]
ھِڪِڙو ڀَئُہ بيراھَ جو، ٻِئو سانڀاران شِينھُن،
شالَ مَ ڇِڄي نِينھُن، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 18 ]
وَرُ اُونداھِي راتِڙِي، چانڊوڻِي چَنڊان،
اوري ميھارا، مُنھُن مَ پَسان ڪو ٻِئو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 11 ]
اوري ميھارا، مُنھُن مَ پَسان ڪو ٻِئو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 11 ]
سَدا پُڇُ مَ سُهڻِي، اُونداھِي اَڌ راتِ ،
پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏيھَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 12 ]
پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏيھَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 12 ]
سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ ري،
ڪَڏِھِين پَسي ڪانَہ ڪا، ريءَ لالَڻَ لالائِي،
دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ساڄَنَ صَفائِي،
مَن لا شیخ لہ فشیخہ الشیطٰن ، اِنَ ريءَ اُونداھِي،
ھُوءَ جَا ھَلِي ھيڪَلِي، گِيرَبُ گَنوائِي،
بِلَا شَيۡخ مَنۡ يَّمۡشِيۡ فِي الطرِيۡقِ ڪَمَنۡ يَّشۡمِيۡ فِي الۡبَحۡرِ بِلَا سَفِيۡنَةٍ ، اِھَڙِي اَوائِي،
تَنھِن ريءَ تَوائِي، ڪوڙيِين ٿِيَنِ ڪيتِريُون.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 7 ]