اَڇَ جي سنڌي معنيٰ
پاڻيءَ جي اڇاڻ، کاري پاڻيءَ جي لھرن سببان پاڻي مٿان گج جي اڇاڻ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Surf
اَڇَ جا بيتن ۾ حوالا
اُڀو آڇي اَڇَ، ميھارُ مَلاحَنِ کي،
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ،
ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 5 ]
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ،
ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 5 ]
جِيئَن تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، ڀَلو ڀَلو مَڇَ،
جا تو ڏِٺي اَڇَ، تَنھِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينھَڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 24 ]
جا تو ڏِٺي اَڇَ، تَنھِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينھَڙا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 24 ]
جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا.
ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ.
ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِئان اَڇَ.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چي، سَڀَ لَگِهيندا ڇَڇَ.
[ سُر گهاتو، وايون، 2 ]