اَڇو جي سنڌي معنيٰ
اڇي رنگ جو، سفيد، بگو. چِٽو، صاف، پاڪ. نِرمل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
While, white color, clear, clean.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
اَڇو جا بيتن ۾ حوالا
چَنڊَ تُنھِنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان نَہ پِرِينءَ سين،
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 30 ]
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 30 ]
شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين،
آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ،
آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ جو جِنسارُ،
آھِين کاڄُ بُکِينَ جو، تانۡ تُون طَعامُ تَيارُ،
اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسان جو دِيدارُ،
حُسُنَ ھوتَ پُنهونءَ جي ڪَڪورِئو ڪوھِيارُ،
سُڃَ ڪِئائِين سُرَھِي، واسِئائِين وَڻِڪارُ،
ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، عَطُرُ ٿِئو آوارُ،
گهورِئان گهَرُ گهَٽِيءَ تان، اَچي جِئا آڌارُ،
ڪوڙيِين ٿِئا ڪيتِرا نالي تان نِثارُ،
سَدا صَلابَتَ جِي، گولِي گِرُفِتارُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِلئو مُون مَنٺارُ.
[ سُر حسيني، وايون، 2 ]

ڪارِي راتِ اَڇو ڏِينھُن، اِيءَ صِفَتان نُورُ،
جِتي پِرِينءَ حُضُورُ، تِتي رَنگُ نَہ رُوپُ ھو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 8 ]

عاقِي ٿِيءُ اُسِتادَ سين، پُٺِيرو پِيران،
ڪَنِ مَ ڪِجِ ڪاپَڙِي، جيڪِي چَويئِي ماءُ،
تَہ راوَل مَٿي راھَ، اُجُرِي اَڇو ٿِيين.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 4 ]

سَکَرَ سيئِي ڏِينھَن، جي مُون گهارِئا بَندَ ۾،
واجهاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِيئَن،
نِيَرَ مُنھِنجو نِينھُن، اُجاري اَڇو ڪِئو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 12 ]

اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسِئو ٿِي ڏَران،
هُتِ پوڃاڙِيءَ پَٽَنِ ۾، چانگارِينِ چَڙا،
قادِرَ ڀَڃُ ڪَڙا، تَہ مِلان مارُوئَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 10 ]

اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسئو ٿِي ڏَران،
اَٿِمِ سِڪَ ساڻيھَ جِي، وَطَنِ شالَ وَران،
جَي آئُون هِتِ مَران، تَہ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 11 ]

عُمَرَ اَڇو تُون، تِيئَن آئُون مَرَڪان وِچِ مارُوئين،
مُنھُن نَہ ميرو مُون، سِيلَ تُنھِنجي سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 13 ]

آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟
مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن،
ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا سِينءَ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ کي، ڏِٺي ٿِئَڙا ڏِينھَن،
اُجاري اَڇو ڪِئو، نِيَرَ مُنھِنجي نِينھَن،
اَسان پِرِيَنِ پاڻَ ۾، گَڏُ وَسايا مِينھَن،
پايو ميٽُ مَٿي ۾، مِينڍا ڌُئاري نَہ مِيئَن،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرُ ٿا وَسَنِ مِينھَن.
[ سُر مارئي، وايون، 18 ]

اَڇو آبُ لُڙُ ڪِئو، ڪالوڻِئو ڪَنگَنِ،
اِيندا لَڄَ مَرَنِ، تَنھِن سَرَ مَٿي ھَنجَڙا.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 10 ]