اُڇَلَ جي سنڌي معنيٰ
اُڇلائڻ يا ڦٽي ڪرڻ جي حالت، اُڇلجڻ جي حالت، ڇلانگ، ڇال، جهٽڪو، لوڏو، ڇٻي، سَٽَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Casting, throwing, a throw, a cast or throw of dice, springing up, tossing up, agitation, a jerk.
اُڇَلَ جا بيتن ۾ حوالا
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سائُو سَڀَ سَري،
کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري
موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 14 ]
کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري
موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 14 ]
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ،
جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 14 ]
جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 14 ]
اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ،
جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رَکِين باجَهہ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 19 ]
جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رَکِين باجَهہ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 19 ]
چِيھو چُکِيءَ ڪَنڌيين، ڪِئائِين گَڙنگَ تي گُلَ،
ھَڏا ڪُٽِئان ھَليو، ڀَري تَرايُون تَلَ،
آسدِي آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَھارُ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 4 ]
ھَڏا ڪُٽِئان ھَليو، ڀَري تَرايُون تَلَ،
آسدِي آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَھارُ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 4 ]
ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين لُوتِڙيءَ تي لَلَ،
ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَڙَه کي، پَئي ڀَريائِين پَلَ،
آندِي آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مِينھَنِ کي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 15 ]
ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَڙَه کي، پَئي ڀَريائِين پَلَ،
آندِي آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مِينھَنِ کي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 15 ]
راجا کي ٽِينءَ راتِ ۾، ٻُڌايو ٻِيجَلَ،
سَھِسين ھُئا سَنسارَ ۾، ٻِئا پُڻ داتا دَلَ،
آيُسِ مَنِ اُڇَلَ، تيلاھِين تو ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 3 ]
سَھِسين ھُئا سَنسارَ ۾، ٻِئا پُڻ داتا دَلَ،
آيُسِ مَنِ اُڇَلَ، تيلاھِين تو ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 3 ]
ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي نِينھَن اُڇَلَ،
نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ، سَڀَڪو پَسي پِرِينءَ کي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 15 ]
نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ، سَڀَڪو پَسي پِرِينءَ کي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 15 ]
مارُوئَڙا ٿَرَ جَهلَ، يااللهَ،
مِينھَن وَسائِين گُوندَرَ لاھِين،
نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، اَچي آبَ اُڇَلَ.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 24 ]
مِينھَن وَسائِين گُوندَرَ لاھِين،
نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، اَچي آبَ اُڇَلَ.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 24 ]
ٿاجا ٿَرَ ڀَرَ جَهلَ، پِٻُون پائُرَ وَٽِ ۾،
سيئِي سارِئو سُومَرا، اَچي آبُ اُڇَلَ،
تَنِ سانبِيَنِ وِڌَمِ سَلَ، ڏِٺي جَنِ ڏِينھَن ٿِئا.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 10 ]
سيئِي سارِئو سُومَرا، اَچي آبُ اُڇَلَ،
تَنِ سانبِيَنِ وِڌَمِ سَلَ، ڏِٺي جَنِ ڏِينھَن ٿِئا.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 10 ]
هَي ڀُنگا، هَي ڀيڻِيُون، اَباڻَنِ اُتَرَ جَهلَ،
ڪي ڏِينھَن هِتي جيڏِيين، هُئِي ڇيلَنِ ساڻُ ڇَلَ،
سي هَنڌَ پَسِئو سُومَرا، اَچي اَبُ اُڇَلَ،
مارُو هُئا اَمُلَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 3 ]