اَڇائِي جي سنڌي معنيٰ
سفيدي، اَڇاڻ، چِٽائي. سوجهرو، روشني. پاڪيزگِي. پاڪدامني، سَتُ. ساراه، تعريف. صفائي، فيصلو، چِٽائي نِرواري ليکي يا حساب ڪتاب ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Whiteness, light, goodness, merit, virtue, righteousness, good deed, a good quality.
اَڇائِي جا بيتن ۾ حوالا
اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي،
مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،
مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ کَرَنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 14 ]
مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،
مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ کَرَنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 14 ]
سُرمو سُفيدِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو جَنِ،
تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 37 ]
تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 37 ]
عُمَرَ اَڇائِي تو کي، توڙائِين لِکِي،
جِيئَن تو سامائِي، مامَ نَہ ڀَڳِي مارُوئين.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 12 ]
جِيئَن تو سامائِي، مامَ نَہ ڀَڳِي مارُوئين.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 12 ]
English Meaning
Whiteness, light, goodness, merit, virtue, righteousness, good deed, a good quality.