اَمُنَ جي سنڌي معنيٰ
شانتي، آنند، صلح، سانت، پناھ، حفاظت، سلامتي، بچاءَ، آرام، عافيت، سک.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Peace, Safety, protection.
اَمُنَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ڪُنَ،
ڪوڙيِين ڪَرَ کَڻَندِيُون، ساھَڙَ جي سَمُنَ،
مينھِيُون ساڻُ اَمُنَ، پَرَچِي پارِ لَنگهَندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 29 ]

ھُنَ ڀَرِ نَہ ھِنَ، ويچارِي وَھَ وِچَ ۾،
نيڇُ نِھاري نَہ گِهڙي، تَنھِن ۾ پييَسِ تُنَ،
اللهَ ساڻُ اَمُنَ، آرا ڪَنھِن اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 13 ]

ھُيَسِ مَجِهہ اَمُنَ، عِشقَ اُٿارِيَس اوچِتي،
ڌَراڙَڪي ڌُنَ، سَنئُون سُونھايُمِ پيچِرو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 27 ]

ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ، جَنھِن مَنجِهہ اَڇِي اُنَ،
تَہ پُڻ ويٺِي وِندِيان، توڙي پَوَنِسِ تُنَ،
غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ مَنجِهہ اَمُنَ،
سَرَتِنِ ساڻُ سَمُنَ، آھِمِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 30 ]

مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ جي ويجها وَسَ کي،
آءُ حَمِيرَ ڀَڃُ زَنجِيرَ، هِيئَن نَہ سَگهان هِتِ گهاري،
اِلاهِي عِنايَتَ سين، شَلَ کِينءَ مِڙان کِيڪاري،
قَلبُ مُنھِنجو ڪوٽَ ۾، گهايَلُ ٿو گَهاري،
مَران شالَ مَلِيرَ ۾، گولُنِ ساڻُ گُذاري،
پَکو پاڻِيءَ وِچَ ۾، پاڻِي پَکَي ڌاري،
اَمُنَ سان، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، والِي وَطَنِ واري.
[ سُر مارئي، وايون، 12 ]

ٿَرَ وُٺا ٿاڌيلِ ٿِي، پَھرِئو چَرَنِ پَنَ،
هِينئَڙي راتِ اُڪيرِئو، مارُوءَ ڪارَڻِ مَنَ،
زيرِيُون لاھِ ضَعِيفِ تان، عُمَرَ ساڻُ اَمُنَ،
سَرَتِيُنِ ساڻُ سَمُنَ، اُٺي وَلَهارَنِ ۾.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 9 ]

فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، وَطَنُ ويڙِهيچَنِ،
نَحل حِجرِ بَنِي اسِرائِيل، اِي پَنڌُ پَنوَهارَنِ،
سَجدَہ اَحزابِ سَبا، مَنجِهين رُوم رَهَنِ،
نيئِي اَڏِئا اَمُنَ ۾، پَکا پَنوَهارَنِ،
سَڳَرَ ساڻيھَ سَرَتِيين، ريلِنِ مَنجِهہ رَهَنِ،
مُون کي مَنجهان تَنِ، پِئا لوھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 18 ]