اَجَلُ جي سنڌي معنيٰ
کُٽِي، موت، مرتيو، مقرر ٿيل مُدو، کُڻ. قَضا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Death
اَجَلُ جا بيتن ۾ حوالا
سو ھِي سو ھُو، سو اَجَلُ سو اللهُ،
سو پِرِين سو پَساھُ، سو ويرِي سو واھَرُو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 20 ]
سو پِرِين سو پَساھُ، سو ويرِي سو واھَرُو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 20 ]
جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،
ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي،
مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ،
اَڳِئان اُونداھِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪِجي،
ڪِيجي قُوتُ قَبَرَ جي، گهوريون آن گُهرِجي،
آگو عَيبَ اَواھِنجا، ڍَڪِئا ڳُجَهہ ٻُجهي،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، صاحِبُ ٿو سَمجهي،
آھي مَوتُ مِڙَنِ تي، گوڙِيُون ڪِئو ٿو گَجي،
اَجَلُ اِيندو اوچتو، سَدا ٿو سُڄي،
ڊِڄِي ڊاءِ اللهَ جي، جيڪو ڀَئي ڀَڄي،
اَمُنُ آھي اُنَ کي، مَنجِهہ اللهَ جي اَجهي،
عَرَضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
نِيازُ ڪَري نِڪَڻِي، واحِدَ ڏي وَرِجي.
[ سُر سريراڳ، وايون، 6 ]

ڳُجُهہ پانھِنجي ڳُجَهہ کي، رِندَ رَساڻي لاءِ،
اَجَلُ اُڀو آھِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 22 ]
اَجَلُ اُڀو آھِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 22 ]
مَوتَ مُندَ نَہ آھي، تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا،
وڌائِين وَڍَڻَ لَيءِ، ڳَنُ ڪُھاڙِيءَ پاھي،
اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِئو ٿو ڪاھي،
عِمارَتَ اَنڌَنِ جِي، ڊاٺائِين ٿو ڊاھي،
عَجِّلُوا بِالتَّوْبَةِ قَبْلَ الْمَوْتِ ، ويھُ تُون ويرَمَ لاھي،
پِريان ڪارَڻِ پاڻَ کي، سِگهو ويھُ سَنباھَي،
نِبا گهوٽَ گهَرَنِ ڏي، وَڏِيءَ ويرَ وَناھي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نِبا ڪَفَنَ پَراھي.
[ سُر آسا، وايون، 7 ]