اوڏا جي سنڌي معنيٰ
ويجها، نزديڪ، ويجهڙا، قريب قريب، ويجهو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Near, contiguous, neighboring. (Prep) Near. (Pro) So large, so great.
اوڏا جا بيتن ۾ حوالا
ڪي اوڏا ئِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ پِہ اوڏا سُپِرِين،
ڪي سَنبِرِجَنِ نَہ ڪَڏِھِين، ڪي وِسرَنِ نَہ مُورِ،
جِيئَن مينھِن ڪُنڍِيءَ پُورِ، تِيئَن دوسِتَ وَراڪو دِلِ سين.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 6 ]
ڪي سَنبِرِجَنِ نَہ ڪَڏِھِين، ڪي وِسرَنِ نَہ مُورِ،
جِيئَن مينھِن ڪُنڍِيءَ پُورِ، تِيئَن دوسِتَ وَراڪو دِلِ سين.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 6 ]
ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏُورِ ٿِئي،
تُون تَنِي سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 21 ]
تُون تَنِي سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 21 ]
جَنِي سَنديءَ ٻوڏِ ۾، ڀَتوُن ڀَتين جِيءُ،
تُون تَنِي سان ٿيءُ، اوڏا اَڏي پکَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 30 ]
تُون تَنِي سان ٿيءُ، اوڏا اَڏي پکَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 30 ]
اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏا مُون ڏُورِ،
سَڄَڻَ سُتا وِلَهَہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَل ڏي نَہ ٻُوۡرُ،
جَنھِن تي چَڙِهي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَهٽِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 7 ]
سَڄَڻَ سُتا وِلَهَہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَل ڏي نَہ ٻُوۡرُ،
جَنھِن تي چَڙِهي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَهٽِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 7 ]
سُونھان سُڌِيُون ڏِيِنِ، اِنَ ديواني دَرياھَ جوُن،
ڪوڙَ اوڏا ڪِينَڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ،
عِجزَ جو اَڌ راتِ کي، وَڻِجُ وِھائِين،
سُودُ نِباھِيو نِينِ، ثابِتُ اِنَهِيءَ سِيرَ مان.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 8 ]
ڪوڙَ اوڏا ڪِينَڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ،
عِجزَ جو اَڌ راتِ کي، وَڻِجُ وِھائِين،
سُودُ نِباھِيو نِينِ، ثابِتُ اِنَهِيءَ سِيرَ مان.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 8 ]
وَڃي سا راتِ وِھاڻِي، ريءَ پَسَڻَ پِرِينءَ جي،
ھِھَڙا اوڏا سُپِرِين، توکي نِنڊَ رِھاڻِي.
[ سُر سھڻي، وايون، 11 ]
ھِھَڙا اوڏا سُپِرِين، توکي نِنڊَ رِھاڻِي.
[ سُر سھڻي، وايون، 11 ]
جَي قِيامَ مِڙَنِ، تَہ ڪَرَ اوڏا سُپِرِين،
تِھان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 28 ]
تِھان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 28 ]
اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ،
مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ،
جٖي تو اوڏا ڀانيا، ڏُونگَرَ ڏُورِ ڏِسَنِ،
آڻي ٻَڌا اوٺِيين، موتِي کي مَيَن،
آڻي لاٿِيُون اوٺِيين، لَڏوُن ڀَر لَڪَنِ،
وِندُرِ وائِي جا وَھي، مُون کي سا نَہ سَلَنِ،
سُونھَنِ سَنگهَر پَٽِيين، مَنَھَن مَعذُورِيَنِ،
مَرَڻَ مُنھِنجي کي ڪِئو، ھِيءُ پَھُ ٻاروچَنِ.
[ سُر آبڙي، وايون، 9 ]

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، روھَ جَبَلَ روڏا،
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا،
آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏا،
ڪوھِيارِي ڪوڏا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 5 ]
اُٺَ پُٽَ اُٺَنِ جا، مَرَنِ مَ موڏا،
پُويو پُويو پايان، ڪَرَھَنِ کي ڪوڏا،
اَچَنِ جي اوڏا، تَہ لَڪَ سَوَلا لَنگهِيان.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 9 ]
پُويو پُويو پايان، ڪَرَھَنِ کي ڪوڏا،
اَچَنِ جي اوڏا، تَہ لَڪَ سَوَلا لَنگهِيان.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 9 ]
English Meaning
Near, contiguous, neighboring. (Prep) Near. (Pro) So large, so great.