اوري جي سنڌي معنيٰ
ويجهو، ويجهي، قريب، ويجهڙائيءَ ۾
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One this side, near, close.
اوري جا بيتن ۾ حوالا
ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ سين،
تاڻِين مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 17 ]
تاڻِين مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 17 ]
تَنَ ۾ طَراَزَ توھَ جِي، گهَڻو لَهُہ گهوري،
اَدَبَ ۽ اِخلاصَ جا، ٻَڌِجِ سِڙَه سوري،
وَکَرُ وينَتِيُن جو، تَنھِن ۾ پاءِ توري،
تَہ عَدَنِؤُن اوري، تُنھِنجو تَوائي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 15 ]
اَدَبَ ۽ اِخلاصَ جا، ٻَڌِجِ سِڙَه سوري،
وَکَرُ وينَتِيُن جو، تَنھِن ۾ پاءِ توري،
تَہ عَدَنِؤُن اوري، تُنھِنجو تَوائي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 15 ]
پَسُ پَسَڻان پَري ٿِئا، اوري آرُ سَندونِ،
ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلونِ، دَرياھَ ريءَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 14 ]
ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلونِ، دَرياھَ ريءَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 14 ]
پَسُ پَسَڻان پَري ٿِئا، اوري سَندُنِ آرُ،
دَرياھَ ري سَھاڙُ، ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 15 ]
دَرياھَ ري سَھاڙُ، ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 15 ]
وَرُ اُونداھِي راتِڙِي، چانڊوڻِي چَنڊان،
اوري ميھارا، مُنھُن مَ پَسان ڪو ٻِئو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 11 ]
اوري ميھارا، مُنھُن مَ پَسان ڪو ٻِئو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 11 ]
سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمجِهئو، اوري آرِيءَ ساڻُ،
ڪَري پيکُ پُنُوھَ سين، پاڌارِئائِين پاڻُ،
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 11 ]
ڪَري پيکُ پُنُوھَ سين، پاڌارِئائِين پاڻُ،
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 11 ]
سُکين ٿِئي نَہ سَنِري، ڏُکين ڪِينَ ڏَري،
اوري تان نَہ اُڀِيي، پَھچي تان نَہ پَري،
سَرَتِيُون ٿو سَري، ٻِنِهِي ريءَ ٻانڀَڻِ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 27 ]
اوري تان نَہ اُڀِيي، پَھچي تان نَہ پَري،
سَرَتِيُون ٿو سَري، ٻِنِهِي ريءَ ٻانڀَڻِ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 27 ]
ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، سِسِي کَڻُ مَ ساڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ سي آرِياڻِيان اوري رَھِيون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 18 ]
جَنِي ڀانيو پاڻُ سي آرِياڻِيان اوري رَھِيون.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 18 ]
پَلَڪُ نَہ رَھي دِلِ تو ري، وَرُ مِيان صاحِبَ خانَ بلوچا،
اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان سي ٽَڪَرَ ٽوري،
ڏُکَ لاھِيندِيَسِ ڏِيلَ جا، ساڻُ عَجِيبَنِ اوري،
ڪانگَ کِيندَمِ ڪيچَ جا، ماسُ چُنجُنِ سان چوري،
ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، مَٿان ڪُلَهنِ ڪوري،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سارَ لَھَندُمِ سوري.
[ سُر آبڙي، وايون، 15 ]

پَري پَڙاڏا ڪَري، اوري نَہ آھي،
ڪَمتَرِ ڪا ڪاھي، پَھچي اِنَ پَٽِيءَ کي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 25 ]
ڪَمتَرِ ڪا ڪاھي، پَھچي اِنَ پَٽِيءَ کي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 25 ]
English Meaning
One this side, near, close.