ھاڙِھي جي سنڌي معنيٰ
لس ٻيلي جي جبلن جي قطار جو نالو، لس ٻيلي جو ھڪ جبل
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mountain series of Lasbela
ھاڙِھي جا بيتن ۾ حوالا
ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ھاڙِھي ھَڏِ مَ ھَلُ،
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڳالِهہ مَ سَلُ،
جانِبَ لاءِ مَ جَلُ، سُورُ وِسارِ مَ سَسُئِي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 17 ]
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڳالِهہ مَ سَلُ،
جانِبَ لاءِ مَ جَلُ، سُورُ وِسارِ مَ سَسُئِي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 17 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ مِينھَن پَوَنِ ماڪُون،
سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون،
جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 15 ]
سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون،
جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 15 ]
پُنهون ڇڏِئو پوءِ، جانِبُ جَبَلَ گهورِيين،
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ،
ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ،
ھاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 1 ]
ڇُلان مَنجِهمِ نَہ ڇاڪَ، پُران پُونِمِ پُرڪَڻا،
مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مَذاقَ،
چِتُ سَندو مُون چاڪَ، ھاڙِھي ھَڏِ ھَڻِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 18 ]
مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مَذاقَ،
چِتُ سَندو مُون چاڪَ، ھاڙِھي ھَڏِ ھَڻِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 18 ]
جُٽَ پِٽي پِھُ جَهنگِ، ھاڙِھي پُڇُ مَ ھوتَ کي،
سُورُ سُٻيلِي سَسُئِي، لَڪُ تَھِين سين لَنگهِہ،
سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 3 ]
سُورُ سُٻيلِي سَسُئِي، لَڪُ تَھِين سين لَنگهِہ،
سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 3 ]
جُٽَ پِٽي پِھُ جاٽَ، ھاڙِھي پُڇُ مَ ھوتَ کي،
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، ٿِيندَءِ پيرَ پَيماٽَ،
ڇَڏِ مَ گَسُ گُنگُنِ جو، وَٺُ اِھائِي واٽَ،
ڳوڌَنِ وَرايا ڳاٽَ، تُون پُڻ ھَلِجِ تَڪِڙِي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 4 ]
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، ٿِيندَءِ پيرَ پَيماٽَ،
ڇَڏِ مَ گَسُ گُنگُنِ جو، وَٺُ اِھائِي واٽَ،
ڳوڌَنِ وَرايا ڳاٽَ، تُون پُڻ ھَلِجِ تَڪِڙِي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 4 ]
ڇَڏي ڙي ھوتَ مَ وَڃُ، اي مِيان يارَ جَتَ،
آئُون اَوَھان جِي آھِيان،
پاڻان پَراھان وِئا، سُڻِي مُئِيءَ جا سَڏَ،
سگهو موٽِجِ سُپِرِين، اوڏِي لاھِي لَڏَ،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، ھاڙِھي ھَنيان ھَڏَ،
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، ڇوَرِي ھَڏِ مَ ڇَڏِ.
[ سُر معذوري، وايون، 6 ]

جَبَلَ سُڄَنِ جالَ، آڏا آرِيچَنِ کي،
ھاڙِھي ڏُونھِن ھَٿُ کَڻِئو، ڇَپَرِ مِڙان ڇالَ،
ڪيچِي وِئَڙمِ ڪالَهہ، تي ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 13 ]
ھاڙِھي ڏُونھِن ھَٿُ کَڻِئو، ڇَپَرِ مِڙان ڇالَ،
ڪيچِي وِئَڙمِ ڪالَهہ، تي ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 13 ]
اَڄُ پُڻ وَسائِي اوٺِيين، مَٿي مارَڳَ ماڪَ،
پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃي تاڪَ،
هَيْھَاتَ هَيْھَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ سُڃِي ٿِي اوطاقَ،
چُڪِيءَ چوري چاڪَ، ھاڙِھي ھوتَ ھَلِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 4 ]
پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃي تاڪَ،
هَيْھَاتَ هَيْھَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ سُڃِي ٿِي اوطاقَ،
چُڪِيءَ چوري چاڪَ، ھاڙِھي ھوتَ ھَلِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 4 ]
پَروانُو پُنهونءَ ڏي، لِکِئو آرِيءَ ھوتَ،
اِيءَ پَرِ نَہ پانھِنجِي، جِيئَن پَهَسَ پَڇاڙِين پوتَ،
ھاڙِھي جا بَلوچَ، ڪِ لَڳُئِي نِينھُن نِيَڻِ سين.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 13 ]
اِيءَ پَرِ نَہ پانھِنجِي، جِيئَن پَهَسَ پَڇاڙِين پوتَ،
ھاڙِھي جا بَلوچَ، ڪِ لَڳُئِي نِينھُن نِيَڻِ سين.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 13 ]
English Meaning
Mountain series of Lasbela