ڪِيَسِ جي سنڌي معنيٰ
ڪيم. پورو ڪيم، پڄائيم، نڀائيم، بجا آندم. عَمل ڪيم. (ضميري پڇاڙي سان مليل، يعني مان ھي ڪريو ڇڏيو).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Done, acted, performed, produced.
ڪِيَسِ جا بيتن ۾ حوالا
تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو ڌِڪي ڪِيَسِ ڌارَ،
پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سوڀِيءَ جا سِينگارَ،
مَڻِيي مُٺِيَسِ جيڏِيُون، ھائِيءَ وِڌِيَسِ ھارَ،
دوسِتَنِئون دُورِ ڪِيَسِ، ھِنَ ڪُوڙي ڪَڻَهارَ،
آھِيان عَيبِدارَ، سِڪان ٿِي سُھاڳَ کي.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 17 ]

رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن،
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 6 ]

ٿِئا ڏِيارِيءَ ڏِينھَن، سامُونڊِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جي،
مُون سِرِ اُٺا جيڏِيُون، سَندا مَحَبتَ مِينھَن،
ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن کاري کيڙائُنِ جي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 7 ]

وَڃان ڪِيئَن وَرِي، ھُوندَ ريءَ چئَي رَھِي رَھان،
دُونھِينءَ پاسِ دوسَ جي، ماڳھِين پُئانَ مَرِي،
نَہ صُورَتَ نَہ سُونھَن ڪا، ڪِيَسِ چِتَ چَرِي،
وِصالا فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
تيلاھِين تَرِي، آئُون مُنھُن ڳِنِهئو موٽِيو وَڃان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 14 ]

سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرکَنڊينَ پيياسِ،
ڪيرَ بِرَھمَڻِ ڪَنِ جي، ڪيرَ ڄاڻي ڪيڻاسِ؟
ھُوندَ نَہ سِنڌُ سُياسِ، پُرِيي ڪِيَسِ پَڌِرِي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 20 ]

وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو،
پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي،
مُنھُن ڪَرِ مَعذُورِنِ ڏي، پُنهون ڄامَ پَرَچي،
مُون کي تَھِين مارِئو، جَتَنِ مُون کي جا چَئِي،
وِندُرَ واٽَڙِيُنِ تي، ڪانڌِي ٿِيندَمِ ڪيچِي،
ڪَنِي اَچِي ڪا ڪَھِي، ڪَنِي اَچِي ڪا چَئِي،
اَمُلَ ڀايان اُنَ کي، ساجَنَ مُون کي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، وايون، 5 ]

دَردُ نَہ لَھي دارُوئين، زُلفَ ڪِيَسِ زافُ،
سَندو ڪاڪُلَ ڪافُ، ماري مَعذُورِنِ کي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 4 ]
سَندو ڪاڪُلَ ڪافُ، ماري مَعذُورِنِ کي.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 4 ]
ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن،
ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن،
جُهونگارِيندي جَهنگَ ۾ ڏوٿِيَنِ ڏِٺَڙي ڏِينھَن،
عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جِي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن،
وَلِهِيءَ ھِتِ وَسائِيا، ميڙائي جا مِينھَن،
آن جَا ڇَڏِي ڇَپَرين، ڪيچِ رَسَندِي ڪِيئَن.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مانَ پَھچان سيڻَنِ سِيئن.
[ سُر ديسي، وايون، 1 ]

مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ، آئُون جا،
طامِعِ آھِيان توھَ جي.
اَمُرَ اوڏِي نَہ وَڃان، نَھِيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جي، توکي سُڌِ سَتارَ،
ھِڪُ وِڃايَمِ ويسَرِي، ڄاڻِي سَڀَ ڄَمارَ،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، سو تُون ڄاڻين ڄاڻَڻَھارَ،
جِيئَن سي گُلَ گُلابَ جا، کِڙِئا کَٽَڻَھارَ،
مُنھِنجِي سِڪَ سَيِّدَ ڏي، مَدِيني موچارَ.
[ سُر بلاول، وايون، 1 ]

ڏُونگَرِ لَڳَنِ ڏِينھَن، مانَ وَرِ ڪَنِ سُپِرِين،
ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن، آيَلِ ٻاروچَنِ جي.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 3 ]