ڪُھِي جي سنڌي معنيٰ
نپٽ ماري، قتل ڪري، ذبح ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To kill, slay, slaughter.
ڪُھِي جا بيتن ۾ حوالا
تَہ ڪَرَ ڪِيئَن سُئِي، جَي سِيرَ نَہ گِهڙِي سُهڻِي،
ھِتِ حَياتِي ڏِينھَڙا، ھَڏِھِين تان نَہ ھُئِي،
چُڪي تَنھِن چَرِي ڪِي، جو ڏِنُسِ اُنِ ڏُھِي،
سُھِڻِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، وِڌو قُرِبَ ڪُھِي،
ھُونھِين ھُوندَ مُئِي، پَرَ ٻُڏِيءَ جا ٻِيڻا ٿِئا.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 20 ]

سَڀَتِ پَچَرَ پِرِينءَ جِي، سَڀَتِ ھوتُ حُضُورُ،
مُلڪُ مِڙيئِي مَنصُورُ، ڪُھِي ڪُھِبا ڪيتِرا.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 2 ]

مُون ڀانيو مَھمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ،
ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ،
جورو راتِ جُوانَ، جيڏو جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 1 ]

جَتَنِ سين جَوابُ، ڪِھَڙو ڪَندِيَسِ جيڏِيُون،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَري ڏيرَ ڪَبابُ،
آرِياڻِي آبُ، رَکُ ڪَمِيڻِيءَ جو ڪيچَ ۾.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 7 ]

ٻيلِي ناھِ ڀَنڀورَ ۾، تَنھِن سَسُئِيءَ جو صَحِي،
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، ڪَندا مُنڌَ ڪُھِي،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، کَڻِجِ ڄامَ کُھِي،
ھِيءَ مَعذُورِ ھَڏِ نَہ مُئِي، تُون ڪانڌَ مَ وَڃِجِ ڪِيڏَھِين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 20 ]

سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، تَہ ڪِي اوٺِي ڪَندا اِيئَن،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ڪِيئَن، جَتَنِ راتِ جَڏِي ڪِي.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 9 ]

آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو،
ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ نَہ ڪِئائُون ڪائِي،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، ڏيرَ ڪَري وِئا ڏاڍائِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪونهي سُورَنِ ڀائِي،
پَسِي پَنھِنجا ڪَمَڙا، لالَڻَ آئُون لَڄائِي،
پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آئِي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھوتَ ڪَرِيو ھَمراھِي.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 6 ]

ماڳھِين جَي مُئِي، ھُوندَ نَہ پيئِي مامِري،
ڇڏِئو جَي ڪُھِي، تَہ ھيڪارِي ھورُ لَھي.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 4 ]
ڇڏِئو جَي ڪُھِي، تَہ ھيڪارِي ھورُ لَھي.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 4 ]
ڪَلَ نَہ پييَمِ ڪا تَہ ڪو ھوتُ وَٺِي ويندا، اَدا ڏيرا،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڀانڀَڻِ ڪَري ٻيرا،
پَسان شالَ اَکِيُنِ سين، دوسِتَ سَندا ديرا،
ساجُهرِ سيڻَنِ لَڏِئو، پوءِ ٿي پُڇي پيرا،
ٻَڙَڪَنِ ٿا ٻانڀَڻِ جا،جِگرَ ۽ جيرا،
ڏانيُئِي نَہ ڏانگهَنِ کي، وَنگِيُئِي نَہ تَنھِن ويرا،
کانئِيندِيَسِ کيرِنِ ۾، جانِبَ لاءِ جيرا.
[ سُر حسيني، وايون، 24 ]

ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ،
اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ،
جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي جِي تاتِ،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، رَھَ ۾ پييَنِ راتِ،
مِلان مَحبُوبَنِ کي، وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ.
[ سُر ديسي، وايون، 15 ]