ڪُن فَيَڪُون جي سنڌي معنيٰ
”ٿي وڃ ۽ اھو ٿي وڃي ٿو.“
(قرآن مجيد ۾ گهڻين جڳھن تي استعمال ٿيندڙ اصطلاح)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
(Allah said) be and it was, an allusion to the creation of the universe, (Allah says) Be, and it is.
(A part of Quranic verse)
ڪُن فَيَڪُون جا بيتن ۾ حوالا
جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ،
اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا،
مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو عَلِيءَ شاھَ،
اَڃا ھِنَ حَدِيثَ جو، مُون کي آسِرو آھِ،
پُنهونءَ جي پَيغامَ تان، مُنھِنجو مَوتُ مُباحُ،
سَرَتِيُون دُعا ڪِجا، مَنَ ميڙائو مُون ٿِئي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 1 ]

جَنِ جو وارثُ تُون، سي ڪِيئَن رَھَندا نيڻَ نِماڻا،
آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون،
جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن فَيَڪُون ،
ڪُوڙِي دُنِيا ڪُوڙا پَسارا، ڏِينھَن مِڙِيئِي ڏُون،
آھِيُون اَلِفَ آسِري، مُحَّمَدُ مَڃئو سُون.
[ سُر پورب، وايون، 3 ]
آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون،
جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن فَيَڪُون ،
ڪُوڙِي دُنِيا ڪُوڙا پَسارا، ڏِينھَن مِڙِيئِي ڏُون،
آھِيُون اَلِفَ آسِري، مُحَّمَدُ مَڃئو سُون.
[ سُر پورب، وايون، 3 ]
جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، مَنُ تَڏاھانڪُون مارُونئين،
تُون ڪِيئَن وِجهين تَنِ کي، سُومَرا شَڪُون،
حَمِيرَنِ ھَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيون.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 2 ]
تُون ڪِيئَن وِجهين تَنِ کي، سُومَرا شَڪُون،
حَمِيرَنِ ھَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيون.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 2 ]
نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا ھُونگَ نَہ ھُون،
سَڄَڻَ اُنِهين ساعَتَ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون،
مُون تَنَ تَڏاھانڪُون، مِلِي مُلاقاتِ ڪِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 4 ]
سَڄَڻَ اُنِهين ساعَتَ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون،
مُون تَنَ تَڏاھانڪُون، مِلِي مُلاقاتِ ڪِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 4 ]
نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَڪو لِڱُ لَحَمُ،
بَنِئو ھو نَہ بُتَ ۾، اَڃا ڪِي آدَمُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 5 ]
بَنِئو ھو نَہ بُتَ ۾، اَڃا ڪِي آدَمُ،
مُون تَوِھِين سين سَڱُ، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 5 ]
نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا مُورَتَ ماھَ،
نَہ ڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرَضُ گُناھَ،
ھيڪائِي ھيڪُ ھُئِي، وَحدانِيَتَ واھَ،
لِکِيائِين لَطِيفُ چئَي، اُتِ ڳُجهاندَرَ جِي ڳاھَ،
مُون تَوِھِين سين آھي، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 6 ]

چَئِي ڪُن فَيَڪُون ، ٿي خَلَقِئا رُوحَ خُدا،
گَڏُ جِتِ گُذرانُ ھو، جَڙَ لَڳِي تَنھِن جاءِ،
مُون تَوِھِين سين آھِ، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 7 ]
گَڏُ جِتِ گُذرانُ ھو، جَڙَ لَڳِي تَنھِن جاءِ،
مُون تَوِھِين سين آھِ، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 7 ]
ساھَڙَ جا سِينگارَ، اُنَ اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا،
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،
مَحَبتَ ساڻُ ميھارَ، لايائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 1 ]
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،
مَحَبتَ ساڻُ ميھارَ، لايائِين لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 1 ]
سُهڻِيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا،
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،
مَلَڪَنِئان مَھِندِ ھُئِي، توڏِيءَ جِي تَنوارَ،
مَرَڪِي ساڻُ ميھارَ، لايائِين لَنئُن لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 2 ]
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،
مَلَڪَنِئان مَھِندِ ھُئِي، توڏِيءَ جِي تَنوارَ،
مَرَڪِي ساڻُ ميھارَ، لايائِين لَنئُن لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 2 ]
ڪَھِيائين سين ڪُن، فَيَڪُونُ فِدا ڪَري،
تَعظِيما تَمامُ ڪَري، پوءِ پَٿَيرِئائِين ڀُون،
مارُو تِئائِين مُون، ڀينَرُ ڀاڱي آيو.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 3 ]