ڪَڪَرَ جي سنڌي معنيٰ
بادل، ميگهہ، ڪَسُ، ابَرُ، ملهار، جهُڙ. ڇانوَ ، سايا، پاڇا، ڇانولا، پاڇولا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Clouds
ڪَڪَرَ جا بيتن ۾ حوالا
اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي آھِينِ،
جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ،
مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،
پَٽين پِيارِينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 6 ]
جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ،
مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،
پَٽين پِيارِينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 6 ]
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِئائِين،
روضو پاڪَ رَسُولَ جو، رِيجِهي رانيائِين،
آڻي ڏِنائِين، عالَمَ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 7 ]
روضو پاڪَ رَسُولَ جو، رِيجِهي رانيائِين،
آڻي ڏِنائِين، عالَمَ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 7 ]
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،
واحِدُ واٽَڙِيُنِ تي، خالِقُ کَنڊَ ڀَري،
پيکارِئان پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 8 ]
واحِدُ واٽَڙِيُنِ تي، خالِقُ کَنڊَ ڀَري،
پيکارِئان پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 8 ]
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،
وَسِئو سي ڀَري، جي ڏَڙَھ ڏِينھَنِ کانيا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 9 ]
وَسِئو سي ڀَري، جي ڏَڙَھ ڏِينھَنِ کانيا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 9 ]
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪَئِي چوٽِي،
پِريان سَندي پارَ جي، کِوَڻِ نَہ کوٽِي،
آءُ لالَڻَ موٽِي، گهوريا رُسَڻَ ڏِينھَڙا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 10 ]
پِريان سَندي پارَ جي، کِوَڻِ نَہ کوٽِي،
آءُ لالَڻَ موٽِي، گهوريا رُسَڻَ ڏِينھَڙا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 10 ]
ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ، اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪَري لالَ لِبيسَ،
پِرِين جي پَرَديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙئا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 11 ]
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪَري لالَ لِبيسَ،
پِرِين جي پَرَديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙئا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 11 ]
سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آيُون،
کِوَڻِيُنِ مُون خُوشِ ڪِئو، جي ڪَڪَرَ ۾ ڪاري،
جُهڙَنِ جُهونگاري، لاٿو ڪَٽُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 7 ]
کِوَڻِيُنِ مُون خُوشِ ڪِئو، جي ڪَڪَرَ ۾ ڪاري،
جُهڙَنِ جُهونگاري، لاٿو ڪَٽُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 7 ]
مِينھان ۽ نِينھان، ٻَئِي اَکَرِ ھيڪَڙي،
جي تُون وَسَڻَ جا ويسَ ڪَرِين، تَہ ڪَڪَرَ ڪَنَ ڪِيھان،
بادَلُ ٿِي بِيھان، جي تُون آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 13 ]
جي تُون وَسَڻَ جا ويسَ ڪَرِين، تَہ ڪَڪَرَ ڪَنَ ڪِيھان،
بادَلُ ٿِي بِيھان، جي تُون آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 13 ]
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي پِيُ ساري،
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ وارا،
اُٺا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪارا،
واحِدَ وَسِڪارا، چَوڌارِي چَڱا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 13 ]
اُٺا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪارا،
واحِدَ وَسِڪارا، چَوڌارِي چَڱا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 13 ]
English Meaning
Clouds