ڪارِ جي سنڌي معنيٰ
ڌنڌو. ڪارج. روزي، ڪرت، پيشو. مشغولي، راهي پوکي. ڪارپت، ايمانداري، اعتبار، ويساھ، ساک پت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Work, occupation, use. Dishonoring, disgracing. Honesty, trustworthiness, good name, credit. Business.
ڪارِ جا بيتن ۾ حوالا
ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، پيرين پَنڌُ وِسارِ،
قاصِداڻِي ڪارِ، ڪِينَ رَساڻي ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 14 ]
قاصِداڻِي ڪارِ، ڪِينَ رَساڻي ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 14 ]
ڪُتو ڪوٺائِين، ڪَرِين نَہ ڪارِ ڪُتَنِ جِي،
ٽُڪُرُ کائِين سائِينءَ جو، بَھُڪين ڪُسائِين،
سائِينءَ ڪِيئَن سِيبائِين، اُليڙَ اِنِ عادَتين.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 14 ]

ڪِئان سِکِيين سُپِرِين، ڪاسائِيءَ ڪِي ڪارِ،
تِکِي ڪاتِي ھَٿِ ڪَرِ، مُنِيءَ سين مَ مارِ،
چوري چاڪَ نِھارِ، سُورَنِ سانگهيڙا ڪِئا.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 5 ]

اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪاتِيءَ جِھَڙِيءَ ڪارِ،
کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، چاڪَ وِجَهنِ ٿِيُون چارِ،
ساجَنَ سَنئُون نِھارِ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 32 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ دِلِ ۾ ديڳِ چاڙِه،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڦِڦِڙَ ڦوڙي ٻارِ،
تَہ قادِرُ تُنھِنجِي ڪارِ، خالِقُ خالِي نَہ ڪَري.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 14 ]

پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، کُوءِ راوَلَ ٻَنِ رُجاتُ،
لِباسان لَطِيفُ چئَي، پَلِ ويراڳِي واتُ،
مَنُ ماري ڪَرِ ماتُ، تَہ تيرَٿُ پَسِين تَڪِيي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 15 ]

پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، پَلِ پُوڄا کان پاڻُ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ ساڻُ،
تَعلَقُ ڇَڏَڻَ تَڪِيا، اِيءُ آديسيَنِ اُھڃاڻُ،
ڄاڻِي ڇَڏي ڄاڻُ، پُرِئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 16 ]

اِيءَ ڪيسَر جِي ڪارِ، جِيئَن ھاٿيءَ کي ھَٿُ ھَڻي،
جَي وِيھين واڳِيين ويڙھئو، توءِ لانجهو ڪِيمَ نِھارِ،
ڪِلي ويرَ قَرارِ، ريءَ ڪِلي ٿِيي ڪانھِرو.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 7 ]

پارانڀانِ پَچارِ، مَٿي لامَ لَطِيفُ چئَي،
ڦيرِ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ آنھِنجي ڪارِ،
جٖي ڏِٺا ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 4 ]

وِتُ ويِمي جو جَي لَھين، تَہ ٻِي ڪارِ نَہ ڪَرِين ڪا،
اِھا پَرُوڙِجِ ڳالِهڙِي، وَڻِجارَنِ وَٽان،
موتِي جَنِ ھَٿان، آندَءِ گهَڻي اَدَبَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 8 ]