ڏيکاري جي سنڌي معنيٰ
درشن ڪرائي، نظر ۾ آڻي، سامهون آڻي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Showing
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڏيکاري جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا،
واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا،
حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ کي، جورُ ھَڻِي جانِئا،
تَہ تُسِي تو سين توھُ ڪَري، آگو اِحسانا،
جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا،
تَہ تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا،
جٖي تسلِيمُ ٿِئا تَحقِيقَ سين، اُوءِ ڪِيئَن اَمانا،
جاڳِئا جٖي جَبارَ لَيءِ، سيئِي سَمانا،
سَڀَ سَنوَرِئا سُپِرِين، قَوالَ تو ڪَنا،
چَڱِي چَئِجِ چاھَ سين، مَدَحَ اِيءَ مَنا،
مَتان مَڙدَ وِسارِيين، صاحِبَ جو ثَنا،
دوسِتُ رَکِي دِلِ ۾، پَڙُه لالَڻُ لِسانا،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، ٻانَهپَ سين ٻانها،
صاحِبَ وَڻِين سَچَ سين، ٿِيءُ داناءُ ديوانا،
تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، جوشَئُون جَوانا،
لَھين تُون لَطِيفَ کان، اَمُنُ اَمانا.
[ سُر سريراڳ، وايون، 1 ]

گهيڙُ لَنگِهئو گَهاري، ميثاقا ميھارَ ڏي،
اَلَستُ بِرَبِڪُم قالُو بَلیٰ پَرِ اِھائِي پاري،
ڏِسِئو ڏيکاري، پِرتِ پِريان جو پيچِرو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 3 ]
اَلَستُ بِرَبِڪُم قالُو بَلیٰ پَرِ اِھائِي پاري،
ڏِسِئو ڏيکاري، پِرتِ پِريان جو پيچِرو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 3 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، پاڻِي کَنيُمِ نَہ پاءُ،
جَبَلُ جَلِدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئَي، مَعذُورِنِ مَٿانءُ،
اُتي آڏو آءُ، جِتِ ھُوندِيَسِ ھوتَ ھيڪَلِي،
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 5 ]
جَبَلُ جَلِدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئَي، مَعذُورِنِ مَٿانءُ،
اُتي آڏو آءُ، جِتِ ھُوندِيَسِ ھوتَ ھيڪَلِي،
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 5 ]
اَلوِداعُ ھَئَي اَلوِداعُ، جانِئا ڪِيئَڙُئِي جُدا،
ھِي جَو آيو مَڱِڻو، مَتارا ماري،
دوسَ دوسَنِئُون دُورِ ڪَري، ٿو ڏَيا ڏيکاري،
ھَڻُ تُون تَندُ طَرِيقَ جِي، واڄَٽَ سَڀَ واري،
سورَٺِ سَرَتِيُنِ وِچَ ۾، اُڀَڙِي اوساري.
[ سُر سورٺ، وايون، 6 ]
ھِي جَو آيو مَڱِڻو، مَتارا ماري،
دوسَ دوسَنِئُون دُورِ ڪَري، ٿو ڏَيا ڏيکاري،
ھَڻُ تُون تَندُ طَرِيقَ جِي، واڄَٽَ سَڀَ واري،
سورَٺِ سَرَتِيُنِ وِچَ ۾، اُڀَڙِي اوساري.
[ سُر سورٺ، وايون، 6 ]
پَرَ وَسِ ٿِئَمِ پَرياڻُ، پِرِين وَسِ نَہ پانھِنجي،
لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ،
پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري وِئا خُوابَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 11 ]
لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ،
پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري وِئا خُوابَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 11 ]
ويٺِي ھِتِ وَڄايان، جِيئَن سَناسِيَنِ سَنکَ،
مُھرُن سَندا مِھرِي، لاھَڻَندِي لَکَ،
اُنَ اَسان کي آجِڪو، قِيمَتَ ڀانيُون ڪَکَ،
سَندا ٻيڙِنِ ٻَکَ، مارُوءَ ڏيکاري مَران.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 25 ]
مُھرُن سَندا مِھرِي، لاھَڻَندِي لَکَ،
اُنَ اَسان کي آجِڪو، قِيمَتَ ڀانيُون ڪَکَ،
سَندا ٻيڙِنِ ٻَکَ، مارُوءَ ڏيکاري مَران.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 25 ]
ڪوھِيارو ڪاري، پَنڌَ اَڙانگا پَٻَ جا،
سي ڏيھَ ڏيکاري، جٖي اَڳَ نَہ ڏِٺا ڪَڏِھِين.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 27 ]
سي ڏيھَ ڏيکاري، جٖي اَڳَ نَہ ڏِٺا ڪَڏِھِين.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 27 ]
English Meaning
Showing