ڏيکارِينِ جي سنڌي معنيٰ
درشن ۾ ڪرائين، ديدار ڪرائين، نظر ۾ آڻائين، ٻين کي پسائينِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Show, demonstrate.
ڏيکارِينِ جا بيتن ۾ حوالا
مُون کي ٿا مارِينِ، ڪو پَھُ پِيَڙو سَڄَڻين،
ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ،
لُھان لُھارَنِ جا، مُون کي ٿا مارِينِ،
وَڍِئو چِيرئو چِچِرئو، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ،
سِيخُون سَڄَڻَنِ ھَٿَ ۾، چُلهي ٿا چاڙِھِينِ،
مُوْتُوْ قَبْلَ اَنْ تَمُوْتُوْ ، مَرضَ اِنَ مارِينِ،
لَا يَمُوتُ فِيھَا وَلَا يَحْيَىٰ ، مارِئو جِيارِينِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 3 ]

اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جُون، اَنڌِيءَ سين آھِينِ،
ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونھائِينِ،
ڏِسِئو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 11 ]
ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونھائِينِ،
ڏِسِئو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 11 ]
ڏوٿِي ڏَسُ ڏِينِ، آيَلِ ٻاروچَنِ جو،
اُتي ڇَڏي ھَلِئا، جِتي مِرُون ٿا مارِينِ،
اَچِئو ٿِيَنِ اوڏِڙا، ڏَمَرَ ڏيکارِينِ،
وَڃان واٽَ نَہ ڏِينِ، جو پيرُ نِھارِئان پِرِينءَ جو.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 6 ]
اُتي ڇَڏي ھَلِئا، جِتي مِرُون ٿا مارِينِ،
اَچِئو ٿِيَنِ اوڏِڙا، ڏَمَرَ ڏيکارِينِ،
وَڃان واٽَ نَہ ڏِينِ، جو پيرُ نِھارِئان پِرِينءَ جو.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 6 ]
آيَلِ اُنِ نَہ وِسَھان، ھَنجُون جٖي ھارِينِ،
آڻِئو آبُ اَکِيُنِ مان، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، سي نَہ رُونِ نَہ چُوَنِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 22 ]
آڻِئو آبُ اَکِيُنِ مان، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، سي نَہ رُونِ نَہ چُوَنِ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 22 ]
English Meaning
Show, demonstrate.