ڍَٽَ جي سنڌي معنيٰ
ٿَر جي ھڪ حصي جو نالو. وارياسو ڀاڱو، بَرپَٽ، ريگستان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a region in Thar. Part of sandy area. Dried area, desert.
ڍَٽَ جا بيتن ۾ حوالا
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلُ ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمِ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 1 ]

ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي چَرَھو چَکِئو،
ڪَرَھي ڪاڻيٺُون رَتِيُون، نائي ناگيلا،
وَڳُ واسِئائِين پانھِنجو، سَڀوئِي سُراھِيان،
ڪَرَھو سَرَھو ڏيھَ ۾، نَہ تَنھِن ڊَپُ نَہ ڊاءُ،
پاھُ پِرائي آيو، لالِي لُڊُڻِئان،
تُون ڍاٽِي تُون ڍَٽَ ڌَڻِي، تُون راڻو تُون راءُ،
مُومَلَ مُحتاجِيُون ڪَري، عاجِزِيُون اَڳِياءُ.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 19 ]

تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ،
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]

کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ وَھَڻُ وَسڪاري،
مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، چِيھا ٿو چاري،
مَرِي ويندِيَسِ ماڳھِين، ساھيڙِيُون ساري،
ڊيئِي ڍَٽَ ڌاري، آھِمِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 6 ]

چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، گهارِينِ مَٿي گَهٽَ،
کِھَ مانڌانُون مَکِڻِي، ڍوئِينِ پاسي ڍَٽَ،
پَنوَهارَ ڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَٽَ،
ساڻيھَ سامُهِين سَٽَ، ڪَندِيَسِ ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 4 ]