چَنڊُ جي سنڌي معنيٰ
چَندرَ، قمر، ماهتاب، چَندِرُ، چَندِرُ مانُ. (اوائلي نالو مَئڻو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The moon, the first day of the Islamic month being that when the new moon shows itself.
چَنڊُ جا بيتن ۾ حوالا
تُون چَنڊُ اُھوئِي، جَو ھُتي پَسِين پِرِينءَ کي،
آڏِتَ چَئِجِ عَجِيبَ کي، ڏِيان جَي روئِي،
ھيڪانديءَ ھوئِي، سانگُ نَہ پوئي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 8 ]

اُونداھِيءَ اَڌ راتِ ۾، پِرِينءَ پَسايو پاڻُ،
چَنڊُ ڪَتِينُ ساڻُ، پيھِي وِئو پَڙِلاءَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 21 ]

آيو چَنڊُ چَڙِهي، چارِيءَ جو چَيو ڪَري،
اُڀِيو اُتِ اَڙِي، جِتِ ڏِٺائِين پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 31 ]

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا وَلَهارِيءَ وِيءَ،
سِجُ چَنڊُ نَہ پاڙيان، سيڻَنِ جي شَبِيھَ،
جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيھِي گهَرِ آيا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 16 ]

اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]

ڪينُون ڀائِي آکان ٻولِڪي، گهايَل ڪِيتِيَ مَين سُولِ سَڄَڻدي،
چَنڊُ چَڙِهئا ڪُلُ عالَمَ ويکِئا، رانجُهو لَڌَڙُمِ ڳولِڪي،
مَين رانجَهنِدِي رانجَهنُ مَيڏا، کيڙا گهَتَڙِئُمِ گهولِڪي.
[ سُر سورٺ، وايون، 4 ]

تَڙِ تَماچِي آيو، مَٿي تَڙَ تَنھا،
اِيندي پيَسِ اوچِتِي، نُورِيءَ تي نِگاھَ،
تَنھِن کي گَندرِي چَوَڻُ گُناھُ، جَنھِن جي جهولِيءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 22 ]

ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، بَدِ جَنِي ۾ بُوءِ،
ھَٿين پيرين چِٻِرِيُون، رَنگُ نَہ چَڱِيءَ رُوءِ،
جَنھِن دُرا وِڪِئا دوءِ، تَنھِن جي جهولِيءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 16 ]

ھُيُون ڪوڙيِين ڪِينجُهرَ ڀَرِ، نُورِيءَ سين نِياءُ ٿِئو،
گَندَرِي پَنھِنجِيءَ غَرِيبِيءَ سين، ٿِي سَڀَنؤُن سَرِ،
سا مَرَڪي مِيرِبَحَرِ، جَنھِن جي جهوليءَ چَنڊُ جُهلِي پِئو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 6 ]