چَنڊَ جي سنڌي معنيٰ
چَندرَ قمر، ماهتاب، چَندِرُ مانَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The moon, the first day of the Islamic month being that when the new moon shows itself.
چَنڊَ جا بيتن ۾ حوالا
ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ،
ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 4 ]
آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ،
ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 4 ]
آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ،
چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ،
تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 5 ]
چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ،
تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 5 ]
چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي سَڄَڻين،
اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ،
جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 6 ]
اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ،
جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 6 ]
اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي،
مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،
مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ کَرَنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 14 ]
مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،
مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ کَرَنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 14 ]
اَڄُ پُڻ اوڀارو، چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جو،
مُون گهَرِ مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو،
سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀَنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 15 ]
مُون گهَرِ مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو،
سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀَنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 15 ]
چَنڊَ مَ اُڀِرُ سَنجَهہ، تَہ اُونداھِي اَجهو ڪَرِيان،
ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 23 ]
ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 23 ]
چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون سُورُ،
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، تارا بي ڌُڻِي،
ڍائو ڪو نَہ چُڻِي، جهوتُون ڏيِندي جَهنگَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 25 ]
ڍائو ڪو نَہ چُڻِي، جهوتُون ڏيِندي جَهنگَ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 25 ]
چَنڊَ لڳنئِي مَنڊَ، سَنجهيئِي ٿو شِيخَ ٿِئَين،
ڪَرِ اُونداھِي اَنڌَ، تَہ مِلان مَحبُوبَنِ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 26 ]
ڪَرِ اُونداھِي اَنڌَ، تَہ مِلان مَحبُوبَنِ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 26 ]
English Meaning
The moon, the first day of the Islamic month being that when the new moon shows itself.