پِريَمِ جي سنڌي معنيٰ
منھنجا پرين، اي پرين، اي منھنجا محبوب
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
O my love, o belobed, o love
پِريَمِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ،
جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ،
پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 24 ]
جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ،
پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 24 ]
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٿيڪَ مَ، ٿورَو لاءِ،
پِريَمِ تُنھِنجي گهاءِ، مَران تَہ مانُ لَھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 6 ]
پِريَمِ تُنھِنجي گهاءِ، مَران تَہ مانُ لَھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 6 ]
تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو،
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
ھِي ٻَہ ڳالِهڙِيُون، آئُون اورِيندِي پِرِينءَ سين،
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 1 ]
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 1 ]
عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا،
ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي،
ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ،
قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ لاھِيين ڪَسُ،
حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو، تان تُون پِريَمِ پَسُ،
اَچي اڀاڳَن کي، رَسِجِ اَچِي رَسُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 7 ]

ڏِھاڙِي ڏَمَرَ ڪَري، مَحَبتَ مَٿي مُون،
تَنھِن کي اَچِي تُون، پِريَمِ ڪوھُ نَہ پَلِيين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 8 ]
تَنھِن کي اَچِي تُون، پِريَمِ ڪوھُ نَہ پَلِيين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 8 ]
صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، ھَٿِ ڪِئو مُون ھاڻِ،
پِريَمِ اَچي پاڻِ، پَٽِيءَ کي پُڇيجِ تُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 12 ]
پِريَمِ اَچي پاڻِ، پَٽِيءَ کي پُڇيجِ تُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 12 ]
پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو،
مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ،
شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،
وجِهجِ پِڪَ پينارَ تي، پِريَمِ کائِي پانُ،
پِٽِيان مُنھُن پَسَڻَ لَئِي، ھِتي ٿِي حَيرانُ،
ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَنِ جو سامانُ،
رُئان ٿِي رِڃُنِ ۾، آرِيءَ لئِي عُرِيانُ،
آھي آرِيءَ ڄامَ جو، مُون کي ڪارِي ڪانُ،
ڪَڏِھِين ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪانُ،
آھِين عَبدِالْلَطِيفُ کي، اَڳِئان تُون اَڳواڻُ.
[ سُر حسيني، وايون، 5 ]

اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪاتِيءَ جِھَڙِيءَ ڪارِ،
کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، چاڪَ وِجَهنِ ٿِيُون چارِ،
ساجَنَ سَنئُون نِھارِ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 32 ]
کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، چاڪَ وِجَهنِ ٿِيُون چارِ،
ساجَنَ سَنئُون نِھارِ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 32 ]
اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪَجَلَ ريءَ ڪارِيُون،
مَولا ڏِنَئِي مُنھَن ۾، سُونھَنِ سُونھارِيُون،
کَڻين جَي کارِيُون، تَہ پِہ سَڃِيندي سُورُ لَھي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 33 ]
مَولا ڏِنَئِي مُنھَن ۾، سُونھَنِ سُونھارِيُون،
کَڻين جَي کارِيُون، تَہ پِہ سَڃِيندي سُورُ لَھي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 33 ]
English Meaning
O my love, o belobed, o love