پَکَي جي سنڌي معنيٰ
تيلين يا ڪانن مان ٺهيل گهر، ڇَپَرُ. مَنَھُن. لانڍي. پکن مان ٺهيل جهوپڙي، اَجهو، ڍَڪُ. پَتَرَ جا لانڍين ٺاهڻ ۽ ڇتين ڍڪڻ ۾ ڪم اچي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A small house made by sticks, wood. Nest
پَکَي جا بيتن ۾ حوالا
پُڇان ٿِي توکي پانڌِي، ڪِٿي پِريان جا پَکَڙا،
جِتان جَتَنِ لَڏِئو، پَکَي ڇَڻِئا پَنَ،
جَرُ موتِيءَ جِيئَن ھارِئو، مُنھِنجي ھِينئَڙي ڀَڳا ڀَنَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 2 ]
جِتان جَتَنِ لَڏِئو، پَکَي ڇَڻِئا پَنَ،
جَرُ موتِيءَ جِيئَن ھارِئو، مُنھِنجي ھِينئَڙي ڀَڳا ڀَنَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 2 ]
بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وَٺِيُون تَرايُون،
پِرھَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،
مَکَڻَ ڀَريَنِ ھَٿَڙا، ٿِيُون سَنگهارِيُون سايُون،
ساري ڏُھَنِ سامُهِيون، ٻولاھِيُون ۽ رايُون،
ٻايُون ۽ دايُون، پَکَي سُونھَنِ پانھِنجي.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 6 ]

مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو سيلو،
پَکَي پيھِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو،
ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 20 ]
پَکَي پيھِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو،
ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 20 ]
ھَلِبو وو ھَلِبو، پُنهونءَ ڪارَڻَ پَٻَ ۾،
ڀُڻِي ڏوونگَرَ ڏورِيان جِيءَ اَندَرِ جَلِبو،
پِريان سَندي پارَ جو، سُورُ تان نَہ سَلِبو،
پَکَي پُنهون ڄامَ جي، رُوحُ وَڃِي رَلِبو.
[ سُر معذوري، وايون، 11 ]
ڀُڻِي ڏوونگَرَ ڏورِيان جِيءَ اَندَرِ جَلِبو،
پِريان سَندي پارَ جو، سُورُ تان نَہ سَلِبو،
پَکَي پُنهون ڄامَ جي، رُوحُ وَڃِي رَلِبو.
[ سُر معذوري، وايون، 11 ]
ڪَرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري،
پَکَي ڇِنا پاندَ، ڳَنڍُ نَہ ڄاڻي ڪو ٻِئو.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 8 ]
پَکَي ڇِنا پاندَ، ڳَنڍُ نَہ ڄاڻي ڪو ٻِئو.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 8 ]
اَڄُ گُهرجين تُون ھِتِ بَڊاماڻِي بُنِرا،
پَکَي پيئِي ڀِتِ، واٽُون ويرِيَنِ لايُون.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 10 ]
پَکَي پيئِي ڀِتِ، واٽُون ويرِيَنِ لايُون.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 10 ]
مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان ڪوھُ ڪِئو،
مُون تان ڪِينَ ڪِئو،
مُون ھَٿان مُنھِنجا ڌَڻِي، سَھِسين ٿِئا صَغِيرَ،
پَکَي مَنجِهہ پَنوَھارَ جي، ڪوڙيِين ڪِئَم ڪَبِيرَ،
تُون ڏيِين مُون ڌَڻِي، دِلاسو دِلگِيرَ،
ٻُڙو لاھِ مَ ٻاجَهہ جو مُون تان مُنھِنجا پيرَ،
ٿَرَ ۾ وَلِيُون ٿَڌِيُون، ڪوڙيِين ڪِرِڙَ ڪَرِيرَ.
[ سُر مارئي، وايون، 5 ]

ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ڍَنگهَرَ ڍارَ رَھَنِ،
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکَي پاندِ پِيَنِ،
ھِنَ کي لوھَ لَطِيفُ چئَي، ھُوءِ کائُرِ مَنجِهہ کِلَنِ،
کاٽُونبا کاڄَنِ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 3 ]
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکَي پاندِ پِيَنِ،
ھِنَ کي لوھَ لَطِيفُ چئَي، ھُوءِ کائُرِ مَنجِهہ کِلَنِ،
کاٽُونبا کاڄَنِ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 3 ]
مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ جي ويجها وَسَ کي،
آءُ حَمِيرَ ڀَڃُ زَنجِيرَ، هِيئَن نَہ سَگهان هِتِ گهاري،
اِلاهِي عِنايَتَ سين، شَلَ کِينءَ مِڙان کِيڪاري،
قَلبُ مُنھِنجو ڪوٽَ ۾، گهايَلُ ٿو گَهاري،
مَران شالَ مَلِيرَ ۾، گولُنِ ساڻُ گُذاري،
پَکو پاڻِيءَ وِچَ ۾، پاڻِي پَکَي ڌاري،
اَمُنَ سان، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، والِي وَطَنِ واري.
[ سُر مارئي، وايون، 12 ]

اَڳَ نَہ آئين ڪَڏِهِين، پَکَي مُون پيھِي،
عُمرَ ڏِٺي تُنھِنجي، ڏَڪي ٿِي ڏيھِي،
نَڄاڻان ڪيھِي، ڪَندين پَرِ پَنوَهارِ سين.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 2 ]
عُمرَ ڏِٺي تُنھِنجي، ڏَڪي ٿِي ڏيھِي،
نَڄاڻان ڪيھِي، ڪَندين پَرِ پَنوَهارِ سين.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 2 ]
English Meaning
A small house made by sticks, wood. Nest