پَکا جي سنڌي معنيٰ
جهوپڙا، ننڍا گهر، گهرڙا، ڪکن مان ٺاھيل گهر، چنئورا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Nests, small houses, house build by wooden sticks, cottages
پَکا جا بيتن ۾ حوالا
اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا پَٽِ سُونھَنِ،
سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ،
اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي سارَنگُ سارِيان،
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 21 ]

کوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، پَکا سَندَنِ ٻَنِ،
اُستُ جو اُٺِنِ جو، مُون کي رَھِيو مَنِ،
جِيءَ ۾ جَتَ رَھَنِ، ٻِي پِرٿِڻِي پاسي ٿِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 12 ]

ڪارا ڏِٺَمِ ڪانگَ، لَمَندا لَڪَنِ ۾،
چانڪِ پَکا پُنهونءَ ڄامَ جا، تان وَتَنِ ٿا ويڙانگَ،
نَہ ڪا وَسِي وِچَ ۾، نَہ آنگَ نَہ چانگَ،
سُپيرِيان جي سانگَ، مادَرِ مارِي آھِيان.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 13 ]

لاکا لَڄَ سَندِياءِ، اوڏِ اَگَلِي آھِيان،
پَکا سي پَرتاءِ، جٖي اَجهي تُنھِنجي اَڏِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 23 ]

آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَنوَھارَنِ پَچارَ،
جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُھارَ،
ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ،
کاروۡ پاڻِي کُوھَرين، سِنجِئائُون سَوارَ،
عُمَرَ چارِيان اُنِ جا، ٻَڪَرَ شالَ ٻِھارَ،
پَکا ۽ پَنوَھارَ، ڏِٺي مُون ڏِينھَن ٿِئا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 9 ]

پَکا ۽ پالَ، کَڻِي ڪَنھِن کُوڻِ وِئا،
مُون سين ڪَري ڪالَ، مارُو نَہ موٽِئا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 10 ]

ماڙِيءَ چَڙِھِي ڏِٺامِ، پَکا پَنوَھارَنِ جا،
ھِڪُ اڳيئِي سُهِڻام ٻِئو ويتَر مِينھَن اُٺانِ،
ڪِھَڙا ڏوھَ ڪِئامِ، جِيئَن ھُو مَلِيرِ آئُون ماڙِيين.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 16 ]

چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، هِينئَڙي نِتُ هُرَنِ،
لَيْسَ ڪَمِثْلِهِ شَيْءٌ ، پَسَڻُ اِيءُ پِرِيَنِ،
پَکا پَنوَهارَنِ، نيئِي اَڏِئا نانھِن ۾.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 7 ]

ڀُوڻَ ڀُڻڪو نَہ سُڻِيان، ٻُري نَہ ٻَڪَرَ دانھَن،
مِيان مارُوئَڙَنِ جا، اوڻا ڏِٺَمِ آنھَن،
جَنِ ساٺِيڪا ٿي سِنجِئا، سي ڌَڻِي ڪِئَڙَءِ ڪانھَن،
پَکا کَڻِي پَرانھَن، جيڪُسِ لَڏِئو لُووَرياڙِيين.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 16 ]

اُنَ نَہ مَٽيان پَٽِ، آئُون جَا ڪِرِڙَ ڪَپُورِ نَہ مَٽِيان،
ويٺِي شالَ وِلوڙِيان، ڍولي پاسي ڍَٽِ
پَکا پَکَنِ سامُھان، پيھِيُون پيھِنِ وَٽِ،
مَرڪان مارُوئَڙَنِ سين، پَکو اَڏي پَٽِ،
سُورُ مُنھِنجو سُومَرا، ڪارَڻِ قادِرَ ڪَٽَ،
تِھَڙِي سيڄَ سُومَرا، جِھَڙو پائُرَ پَٽُ،
پيرُون چُونڊِيندِيَسِ پِرِينءَ سين، ڪانبو ڪانبيِ وَٽِ،
کِيرُون ڏِيان جيڏِيين، وَڃان جَي وَرَ وَٽِ،
مُون ڏُکِيءَ ڪِھَڙو ڏوھُ ڪِئو، ٻِيُون سَڀَ وَرَنِ وَٽِ.
[ سُر مارئي، وايون، 14 ]