وَطَنَ جي سنڌي معنيٰ
ڏيھَ، ديسَ، ملڪَ، ديش، اصلي ڳوٺَ، ڄمڻ جي هنڌَ، جنم ڀومي. (اصل شُڌ سنڌي ٻول وٿاڻ، جتان عربيءَ ۾ وطن لفظ ٿيو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Native country, abode, home, native land.
وَطَنَ جا بيتن ۾ حوالا
ويراڳِي واري، اللهَ آڻِ وَطَنَ تي،
ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان، تُھَنِ جِيئَن تاري،
اِيندامِ اوتاري، کِيئَن جُون ڏِيندَمِ خَبَرُون.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 13 ]

ٿَران ٿاريلو آيو، ڏيھَ جو ڏيھائِي،
تَنھِن ويڙِھيچي وَطَنَ جِي، ويھِي ڪِي وائِي،
ھيڪَ ٿاڌيل ٿَرَنِ ۾، ھَنڌِ ھَنڌِ ھَرائِي،
ڳُجهو ڳالَهائِي، گَڏِجان کامويَنِ سين.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 8 ]

وَرُ سي وَطَنَ ڄايُون، صَحرا سَتُرُ جَنِ،
گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِ،
ويڙِھِئا گهُمَنِ وَلِيين، جهانگِي مَنجِهہ جهَنگَنِ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳَڻائِي سيڄَ ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 16 ]

مُون ساڻيھُ سُڃَ ۾، وَڻَ وَطَنَ جا ڏُورِ،
آندِي ڪَنھِن ضَرورَ، ڪاڻِيارِي مارُئِي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 18 ]

سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوجهو ٿئمِ ڪَمالُ،
وَڃان ڪِيئَن وَطَنَ ڏي، ھِھَڙو وَٺِي حالُ،
جَي مُون ڏيِين جَمالُ، تَہ پَسان مُنھُن پَنوَھارَ جو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 6 ]

جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، جَي تِھَڙِي مِلان تَنِ کي،
ڦِران ڦَرَ چارِيان، ھِنيُون چَئيمِ ھِيئَن،
ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين، ڪاڻِ لَھَندِيَمِ ڪِيئَن،
مُندائِتي مِينھَن، سُونھان سَرَتِنِ وِچَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 2 ]

عُمَرَ ٻَنِ جِيوءِ، کُوءِ مُنھِنجو سُومَرا،
جا پَرِ پَنوَھارَنِ جِي، مُون تِيئَن نَہ ڪِئوءِ،
وَٺِي مُنھُن ڪِھو، وَڃان وَطَنَ سامُهِين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 8 ]

بَنديخانو بُڇڙو، ڪوٽَ ڪَشالو لاھِ،
اللهَ اِنَ عُمَرَ کي، مِھرَ مَنَ ۾ پاءِ،
لوھَ ھِنَ کي لاھِ، تَہ وَڃي وَطَنَ سامُھِين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 13 ]

واجهائي وَطَنَ کي، ساري ڏِيان ساھُ،
بُتُ مُنھِنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاھُ،
پَرَڏيھِياڻِيءَ کي پِرِينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاھُ،
ٿَڌِي وَسائيجاھُ ٿَرَنِ جِي، مِٽِي مُئِيءَ مَٿان،
پويون ٿِييمِ پَساھُ، تَہ پُڻ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 20 ]

واجهائي وَطَنَ کي، ساري ساھُ ڏِيان،
سِڙي ساڻيھَ سامُهين، مُنھِنجِي نيجِ مِيان،
مُقامِياڻِي مارُوئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان،
مُيائِي جِيئان، جَي نِئاءَ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 21 ]