واڪا جي سنڌي معنيٰ
وڏا آواز، رڙيون، دانھون، ڪوڪون، آواز، رڙو رڙيون، گوڙ، شور، ٻاڪارون، ڪيھون، ريھون، ووءِ، واويلا، ٻوڪ، ريھاڙ، راڙه، گجگوڙ، وڏا سَڏ پڪار، نعرا، حيلا، سعيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Outcries, screech, roars, louds, calls, screams, exclaimings, shouts.
واڪا جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ،
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏا ٻيڙا ٻارَ ۾، ھَلِئا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرِزو پَيدا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جَو قَھَرُ ڪُنَ ۾، وِئا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتارُنِ، اَچِي ساھَڙَ سِيرَ لنگِهائِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 15 ]

جيڏاھَن چِتَ چاھُ گهَڻو، آرُ پِہ اوڏاھِين،
وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين،
ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 12 ]
وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين،
ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 12 ]
طَعني لاءِ تَران، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو،
مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 17 ]
مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 17 ]
تَران لاءِ طَعني، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو،
آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾ دَرياھَ ديواني،
قَلَمَ جي ڪانِي، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 18 ]
آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾ دَرياھَ ديواني،
قَلَمَ جي ڪانِي، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 18 ]
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي پِيُ ساري،
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
جِهمندِيُون اَچَنِ، جهولِيُون جُهونجهارَنِ جُون،
پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، تَنِ جُون وَھون واڪا ڪَنِ،
پِٽِينِ پَارَ کَڻَنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 13 ]
پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، تَنِ جُون وَھون واڪا ڪَنِ،
پِٽِينِ پَارَ کَڻَنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 13 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِئَڙُمِ جاڙَ،
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا،
ڪِيَمِ آھَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا،
پيئِي ھِيڻِيءَ جِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا،
مُنھِنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 1 ]
ڪِيَمِ آھَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا،
پيئِي ھِيڻِيءَ جِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا،
مُنھِنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 1 ]
غافِلِ غَفلَتَ ڇوڙِ، تُون ڪِيئَن اَڻاسِي اوجِهرين،
چُپاتا چَڙِھِي وِئا، وَڃِي پَھتا توڙِ،
نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرِيين
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 7 ]
چُپاتا چَڙِھِي وِئا، وَڃِي پَھتا توڙِ،
نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرِيين
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 7 ]
جيڏِيُون جِمَ سُمهو، نِنڊَ ويرِياڻِي ھوءِ،
مَتان مُنجِهي رَھو، واڪا ڪَري ويڙِه ۾.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 16 ]
مَتان مُنجِهي رَھو، واڪا ڪَري ويڙِه ۾.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 16 ]
English Meaning
Outcries, screech, roars, louds, calls, screams, exclaimings, shouts.