نَنڍا جي سنڌي معنيٰ
ڇوٽا، لاٺا، ٿورا، قليل، تنگ، سوڙها، ننڍي قدوارا، ڪوتاھ قد، لاوا، منڌرا. مختصر، لاٺيرا. صغير. بندرا. هلڪا، جهيڻا، جهڪا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Small, little, short, low, unimportant, junior.
نَنڍا جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ،
پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ،
جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي ڀَئُہ مَ ڏي ڀَتارُ،
جيڏاھَن مُنھُن مَدِيني جو، سُڄي مُحَّمَدُ موچارُ،
نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀَ پَسَندا پارُ،
سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 24 ]

تارُو تَرِيو وَڃَنِ، نَنڍا وَڏا واھُڙا،
ھَئَي ٻَرِ اَتارُنِ، ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 2 ]
ھَئَي ٻَرِ اَتارُنِ، ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 2 ]
مَدِيني جا ڄامَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
نَنڍا وَڏا اُمَتِي، اوڀائِيين اَڀامَ،
سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سامَ، پارِ لَنگهائِيين پَھِيَڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 12 ]
نَنڍا وَڏا اُمَتِي، اوڀائِيين اَڀامَ،
سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سامَ، پارِ لَنگهائِيين پَھِيَڙا.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 12 ]
English Meaning
Small, little, short, low, unimportant, junior.