لَيءِ جي سنڌي معنيٰ
واسطي، جي لاءِ، جي ڪري، ڪاڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
For, for whom
لَيءِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا،
واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا،
حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ کي، جورُ ھَڻِي جانِئا،
تَہ تُسِي تو سين توھُ ڪَري، آگو اِحسانا،
جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا،
تَہ تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا،
جٖي تسلِيمُ ٿِئا تَحقِيقَ سين، اُوءِ ڪِيئَن اَمانا،
جاڳِئا جٖي جَبارَ لَيءِ، سيئِي سَمانا،
سَڀَ سَنوَرِئا سُپِرِين، قَوالَ تو ڪَنا،
چَڱِي چَئِجِ چاھَ سين، مَدَحَ اِيءَ مَنا،
مَتان مَڙدَ وِسارِيين، صاحِبَ جو ثَنا،
دوسِتُ رَکِي دِلِ ۾، پَڙُه لالَڻُ لِسانا،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، ٻانَهپَ سين ٻانها،
صاحِبَ وَڻِين سَچَ سين، ٿِيءُ داناءُ ديوانا،
تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، جوشَئُون جَوانا،
لَھين تُون لَطِيفَ کان، اَمُنُ اَمانا.
[ سُر سريراڳ، وايون، 1 ]

سا سِٽَ نَہ سارِينِ اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾،
ناحَقُ نِھارِينِ، پَنا ٻِئا پِرِينءَ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 5 ]
ناحَقُ نِھارِينِ، پَنا ٻِئا پِرِينءَ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 5 ]
سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾،
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِنگاَ وَرَ واٽُنِ،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، آرِيءَ لَيءِ آٽَنِ،
ڪَسي ڪَنواٽَنِ، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 7 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، آرِيءَ لَيءِ آٽَنِ،
ڪَسي ڪَنواٽَنِ، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 7 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ جالارا،
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا،
ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 4 ]
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا،
ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 4 ]
وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڏاڙِهيءَ ڀَنڀا ڏيرَ،
ڏيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَيءِ اُليرَ،
ڪيچِ پُڄَندِي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 6 ]
ڏيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنِين لَيءِ اُليرَ،
ڪيچِ پُڄَندِي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 6 ]
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، حاذِقَ ھوتاڻِي،
تَوِھِين لَيءِ کاڻِي، ڏُکِي ڀُڻِي ڏُونگَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 3 ]
تَوِھِين لَيءِ کاڻِي، ڏُکِي ڀُڻِي ڏُونگَرين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 3 ]
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پارَ نَہ ڄاڻان پيرُ،
ڀَنَڻُ مُون ڀيڙو ٿِئو، سُورَنِ لايو سيرُ،
آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، رَقصُ ڀاڱي رَنَ جي.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 5 ]
ڀَنَڻُ مُون ڀيڙو ٿِئو، سُورَنِ لايو سيرُ،
آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، رَقصُ ڀاڱي رَنَ جي.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 5 ]
سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ سارِئُمِ سُورَ،
اَچِئو اوٺِيَڙَنِ جا، پَل پَل پَوَنِ پُورَ،
جَتَنِ لَيءِ ضَرُورَ، گَهڻا گهارِئَمِ ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 10 ]
اَچِئو اوٺِيَڙَنِ جا، پَل پَل پَوَنِ پُورَ،
جَتَنِ لَيءِ ضَرُورَ، گَهڻا گهارِئَمِ ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 10 ]
ڳائِي نَہ وائِي، اَدِيُون آرِيچَنِ جِي،
ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لَنگهِيان، جَبَلُ جاجهائي،
جيڪُسِ واجهائِي، ھاڻِ مَرَندِي ھوتَ لَيءِ.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 2 ]
ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لَنگهِيان، جَبَلُ جاجهائي،
جيڪُسِ واجهائِي، ھاڻِ مَرَندِي ھوتَ لَيءِ.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 2 ]
English Meaning
For, for whom