لاکو جي سنڌي معنيٰ
هڪ مشھور تاريخي ڪردار، ڄام لاکو”لاکو ڦلاڻي“.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A legendry charecter of Sindh, Jam Lakho Phulani.
لاکو جا بيتن ۾ حوالا
جاڳو جاڙيجا، سَما سُکِ مَ سُمهو،
پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 7 ]
پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 7 ]
ڀُڄِئان ڀُلِي نِڱِئو، ڏيئِي پاٻوڙي پيرُ،
جيسي ۽ جَسراڄَ جو، مَٿي وانڍِنِ ويرُ،
ڪَڇِ رَھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 8 ]
جيسي ۽ جَسراڄَ جو، مَٿي وانڍِنِ ويرُ،
ڪَڇِ رَھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 8 ]
لاکو لوءِ بَہ لوءِ، وِڙِھي ويلَ سَڀَ ڪَنھِن،
ڪَرڳَلُ مَٿي ڪَڇَڙي، پِرھَ ڦُٽِيءَ پوءِ،
ھَئَي تَنِ کي ھوءِ، جَنِ اَڻَ سَنڀُوڙي آيو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 10 ]
ڪَرڳَلُ مَٿي ڪَڇَڙي، پِرھَ ڦُٽِيءَ پوءِ،
ھَئَي تَنِ کي ھوءِ، جَنِ اَڻَ سَنڀُوڙي آيو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 10 ]
لاکو نَہ لاھي، مَٿان ھَني ھَٿَڙا،
گهُنيرِيا گهيرُ ڪَري، اُڀو ئِي آھي،
ڪُنڍِيُونۡ سي ڪاھي، خاصِيُون جٖي کَنگهارَ جُون.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 11 ]
گهُنيرِيا گهيرُ ڪَري، اُڀو ئِي آھي،
ڪُنڍِيُونۡ سي ڪاھي، خاصِيُون جٖي کَنگهارَ جُون.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 11 ]
لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ھيٺِ،
سونارِيُون سَرِ ڪِئو، ڀيڙِئو ٻَڌي بيٺِ،
ڏَمَرُ ڪندو ڏيٺِ، صُبحَ ويلَ سَڀَ ڪَنھِين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 12 ]
سونارِيُون سَرِ ڪِئو، ڀيڙِئو ٻَڌي بيٺِ،
ڏَمَرُ ڪندو ڏيٺِ، صُبحَ ويلَ سَڀَ ڪَنھِين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 12 ]
لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ساڻُ،
چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ،
جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 13 ]
چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ،
جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 13 ]
لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا ٻاجَهہ ٿِي،
قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو،
واَنڍِنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 14 ]
قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو،
واَنڍِنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 14 ]
ريٻارِڻِ ريجهاءِ، لاکو لُولاٽِنِ سين،
سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٽِ مَٽائي ٺاڪُرو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 16 ]
سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٽِ مَٽائي ٺاڪُرو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 16 ]
رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا،
کَرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچَلِ اُڀِي چوءِ،
واڙي وَڇُ نَڪو، لاکو لوڙائِنُ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 20 ]
کَرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچَلِ اُڀِي چوءِ،
واڙي وَڇُ نَڪو، لاکو لوڙائِنُ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 20 ]
اَڏِيندي اوڏَنِ، لَڏَڻَ جِي ڪا نَہ ڪِي،
لاکو مَٿان تَنِ، اوچتو ئِي آيو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 25 ]
لاکو مَٿان تَنِ، اوچتو ئِي آيو.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 25 ]
English Meaning
A legendry charecter of Sindh, Jam Lakho Phulani.