سَڳَرَ جي سنڌي معنيٰ
واٽَ، راھَ، رستي، دَڳَ، ڪاروان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Way, path, a body of persons, flock, caravan.
سَڳَرَ جا بيتن ۾ حوالا
ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ سُونھين جٖي،
آيُون تَنِي کي، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 8 ]
آيُون تَنِي کي، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 8 ]
لوچِ دا وي بَلوچَ دا، ميرا مَنُ،
پِيران نوُن سَڏيِندِيان، سَڳَرَ پَٽِيدِيان،
اَلا ھو آڻِ مِلائِيين پُنهون ڪيچ دا.
[ سُر آبڙي، وايون، 10 ]
پِيران نوُن سَڏيِندِيان، سَڳَرَ پَٽِيدِيان،
اَلا ھو آڻِ مِلائِيين پُنهون ڪيچ دا.
[ سُر آبڙي، وايون، 10 ]
جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،
سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ،
مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،
صُبحِ سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وِئامِ،
ڪِيھُون ڪوھَنِ پَٽِيين، ڪُوڪُون جَمازانِ،
ھوتاڻِي ھَٿُ کَڻي مَنَ پُنهون پِيادِيانِ،
ھَڪَل ھوتَ پُنهونءَ جِي، سَڳَرَ ۾ سُيامِ،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ٿاھَرَ ٿوڀَ ٿِئام،
ڪوڙيِين ڀالَ پُنهونءَ جا، گَنجي مَنجِهہ گُهرِيامِ،
سُتي سَنگهَر پَٽِيين، جَنھِن سِگهَڙِي سارَ لَڌِيام،
وِلِهُون ويلا ڇَپَرين، ڪارَڻِ جَنِ ڪِئامِ،
موٽِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾ اَڱَڻِ سي آيامِ.
[ سُر معذوري، وايون، 3 ]

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ ھيبَتَ ھُوءِ ھُڳاءُ،
رَھِئا راتِ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ تو لاءِ،
پَرَوَرَ ڄامَ پُڇا ڪِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سَندِياءِ،
ھادِي ھوتُ مِلاءِ، آسَرَوَندِي آھِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 10 ]
رَھِئا راتِ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ تو لاءِ،
پَرَوَرَ ڄامَ پُڇا ڪِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سَندِياءِ،
ھادِي ھوتُ مِلاءِ، آسَرَوَندِي آھِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 10 ]
پُڄان جي نَہ پُڄان، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيان،
سَڳَرَ ۾ سُڄان، تَہ رائي ۾ رَڙِي مُئِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 7 ]
سَڳَرَ ۾ سُڄان، تَہ رائي ۾ رَڙِي مُئِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 7 ]
سَڳَرَ مَجِهہ سُڻِينِ، اي يا اللہ،
سَڏَ مُنھِنجا سُپِرِين،
ڪا جَا اُرڪَ اوٺِيين، ڪَرَھَلَ ڪوڏِ ڪَشِينِ،
ڪامِلَ ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڳالهائِينِ ۽ ڳَنڍِينِ.
[ سُر ديسي، وايون، 9 ]
سَڏَ مُنھِنجا سُپِرِين،
ڪا جَا اُرڪَ اوٺِيين، ڪَرَھَلَ ڪوڏِ ڪَشِينِ،
ڪامِلَ ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڳالهائِينِ ۽ ڳَنڍِينِ.
[ سُر ديسي، وايون، 9 ]
سَڏَنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو ھَڏِ مَ لاھِ،
مانَ تُنھِنجِي ڪا، سَڳَرَ ۾ سارَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 11 ]
مانَ تُنھِنجِي ڪا، سَڳَرَ ۾ سارَ ٿِئي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 11 ]
مَرُ مَعذُورِ ھُئان، اَلا چَڱِي مَ ٿِيان،
رِڙھان ۽ رُئان، پُٺِيءَ سَڳَرَ ساٿَ جي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 33 ]
رِڙھان ۽ رُئان، پُٺِيءَ سَڳَرَ ساٿَ جي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 33 ]
ھوتَنِ ڪانَہ ھُئِي، پاڻِهين پييَمِ پُنهون سين،
ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سُئِي،
سا موٽي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو ھِييُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 33 ]
ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سُئِي،
سا موٽي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو ھِييُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 33 ]
مَرَڻُ مُسَلِم جَنِ، واحِدُ تَنِ نَہ وِسَرِي،
مَٿي سَڳَرَ ڪاپَڙِي، نانگا نِنڊَ نَہ ڪَنِ،
نيڻَ سَندا ئِي تَنِ، اوجاڳي اُجارِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 4 ]
مَٿي سَڳَرَ ڪاپَڙِي، نانگا نِنڊَ نَہ ڪَنِ،
نيڻَ سَندا ئِي تَنِ، اوجاڳي اُجارِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 4 ]
English Meaning
Way, path, a body of persons, flock, caravan.