سَڄَڻين جي سنڌي معنيٰ
دل گهرين، دلبرن، محبوبن، دلدارَن، گھرن دوستن، ساجن، ڍولڻن، معشوقن، پرينِ، يارَن. ڏک ونڊيندڙن. نيڪ ماڻهن. گهڻ گهرن.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Friends, beloveds, loving ones, masters
سَڄَڻين جا بيتن ۾ حوالا
سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي،
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
جِيئَن سو تَئِئَ تَرو، کامي کُوري وِچَ ۾،
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو،
وَرُ جِهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 6 ]
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو،
وَرُ جِهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 6 ]
وَحدَتان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ ڪُلُ،
حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 14 ]
حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 14 ]
پاٻُوھي ھيڪارَ، مُون کي پُڇِئو سَڄَڻين،
اَلَستُ بِرَبِڪُم ، چَيائُون جَنھِن وارَ،
سَندي سُورَ ڪِنار، تَنَ تَڏَهانڪُون نَہ لَھي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 15 ]
اَلَستُ بِرَبِڪُم ، چَيائُون جَنھِن وارَ،
سَندي سُورَ ڪِنار، تَنَ تَڏَهانڪُون نَہ لَھي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 15 ]
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وارِجِ مَ وائِي،
سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 17 ]
سِکِجِ تُون سا ئِي، جيڪا مُڪِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 17 ]
ڪوڙيِين اُڀا ڪيتِرا، وَڍِئو سِرَ سَڃِينِ،
جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 32 ]
جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 32 ]
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿَ کَڻِي، دِلِ ۾ تَيرِي دانھَن،
ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان،
ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان، تَہ مُون کي مارِئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 7 ]
ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان،
ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان، تَہ مُون کي مارِئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 7 ]
اِبرَ دانائي جٖي، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين،
ھارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 11 ]
ھارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 11 ]
مُون کي ٿا مارِينِ، ڪو پَھُ پِيَڙو سَڄَڻين،
ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ،
لُھان لُھارَنِ جا، مُون کي ٿا مارِينِ،
وَڍِئو چِيرئو چِچِرئو، ڏيھَ کي ڏيکارِينِ،
سِيخُون سَڄَڻَنِ ھَٿَ ۾، چُلهي ٿا چاڙِھِينِ،
مُوْتُوْ قَبْلَ اَنْ تَمُوْتُوْ ، مَرضَ اِنَ مارِينِ،
لَا يَمُوتُ فِيھَا وَلَا يَحْيَىٰ ، مارِئو جِيارِينِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 3 ]

ٽانڊين ڪانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 3 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 3 ]
English Meaning
Friends, beloveds, loving ones, masters