سَنگهارَ جي سنڌي معنيٰ
وڏي مال متاع وارا، وڏا ڀاڳيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Owners of live stock, name for Thari herdsmen.
سَنگهارَ جا بيتن ۾ حوالا
ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ،
آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ،
آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ،
گهَرِ گهَرِ گِلا جَا وَھي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
مَولا مُون کي ميڙيين، ڪُنڊِييَنِ جِيءَ قَطارَ،
مُون کي پِرِيَنِ ميڙيين، سَٻاجها سَتارَ،
ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا سانڀارا سَنڀارَ،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ کي، سَٻاجها سَتارَ،
تاڪُنِ تَڪِي آھِيان، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 13 ]

مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾،
اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ،
ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون آھِيان اَوِھان ڌارَ،
ٻِڇَلِ ٻانڌِي ٻارِ ڪَري اُتِ اُبَتا آرَ،
تَنھِن ۾ گِهڙِي سُهڻِي آڳَھَ ريءَ آڌارَ،
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ،
سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين، سِگهو رَسُ سَنگهارَ،
اوراڙان آھُون ڪَري، پَھچان شالَ پَراڙَ،
سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون، سانڀارا سَنڀارَ،
آيَمِ ريلي ريءَ سين، اَلا تو اَھارَ،
تارِ تَرَندِيَسِ پِرِين پَسَندِيَسِ، ويندِيَسِ وَٽِ وَڇارَ،
پُورِيندِيَسِ پارَ مَڻِي، سَھِسين جَي سيسارَ،
گولِي گهاگهائي، جَکَنِ ٿا جانارَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 17 ]

ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، آھي ۾ آزارَ،
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ،
توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،
جَي پَسي مُنھُن ميھارَ، تَہ سِگهِيائِي سَگهِي ٿِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 5 ]

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تاڙي ڪَئِي تَنوارَ،
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 17 ]

اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا،
سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ،
ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ جي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ،
اُڪَنڊِئا جي اَبُرَ کي، سي سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
موڪَلَ ٿِي مِينھَن کي، دوسِتَ ھَٿان دِلِدارَ،
قادِرَ پاڻِ قَسَمُ ڪِئو، خاڪِ قَدَمَنِ جي ڪَلتارَ،
آھِين ڪَرَمَ ڪَرِيمَ جا، اَحمَدَ ساڻُ اَپارَ،
آگي آسِمانَ جو، ڪارِئو سَيرُ سَتارَ،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ، توسين قادِرَ ڪِئا قَرارَ.
[ سُر سارنگ، وايون، 5 ]

جِيَنِ سي سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان،
مانَ لَھَنِئُون سارَ، وِچِ وِلِهي ڏِينھَڙين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 6 ]

عُمَرَ ٿِئَمِ اَپارَ، وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين،
سي ڏوٿِيَڙا ڏُورِ ٿِئا، تَڳان جَنِ تَنوارَ،
سَٽائُون سَنگهارَ، کُوھَنِ تان کَڻِي وِئا.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 12 ]

جِيَنِ سين سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان،
جَنِي سَندا ٻارَ، اَٺَئِي پَھرَ اَگُوندِرا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 7 ]

ڪاڏي وِئا سَنگهارَ، جٖي ھِتِ ھُئا ھِنِ ڀيڻِيين،
ڪاڇي ٻِنِهي پارِ، ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 5 ]