سانگُ جي سنڌي معنيٰ
لڏپلاڻ، لاڏاڻو، جُوءِ ڇڏڻ جي حالت. پرڏيھ، پرديس لاءِ تياري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Preparing for going to abroad. Leaving country.
سانگُ جا بيتن ۾ حوالا
پِرِيَنِئُون پوءِ، موٽِي موٽِي نَہ وِھاءِ راتِ،
راھَ رَمَندَڙِي روءِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ،
چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ سانگُ نَہ ڪوءِ،
اَچي اوراھُون ٿِئي، سَيِّدَ سانگُ سَندوءِ.
[ سُر آسا، وايون، 1 ]

جيڏانھَن قاتِلَ ڪوڙَ، اَکِيُون اوڏانھِين کَڻي،
وِھُ تَنِي جي ووڙَ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 6 ]

ڪَنڌِ ڪَٽارو مُنھِن وَٽِي، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ،
تَنِ تِڪُون ڏِنِيُون، جُنبِي مَنجهان جِيءَ،
سَرو تَنِ سَبِيءَ، جَنِ سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 24 ]

ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُه ساڃاءِ جُون،
وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 23 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ،
لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي، دوسِتَنِ اَڳِيان ڌَرِ،
عِشقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 17 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو ڪَرِ مَ سانگُ،
سُورِيءَ سُپَيرِيَن جي، چَڙُه ٿِيين چانگُ،
عِشقُ آھي نانگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 16 ]

تُون چَنڊُ اُھوئِي، جَو ھُتي پَسِين پِرِينءَ کي،
آڏِتَ چَئِجِ عَجِيبَ کي، ڏِيان جَي روئِي،
ھيڪانديءَ ھوئِي، سانگُ نَہ پوئي سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 8 ]

جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ ھَڏِ مَ لائُون لَڌِيُون،
مَٿي پَرَ ڏيھَ سانگُ، اَٺَئِي پَھرَ اُنَ جو.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 20 ]

سَھِسين اُڀِيُون سُهڻِيُون، ساھَڙُ ساھَڙُ ڪَنِ،
ڪِنِي پاڻُ پَري ڪِئو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ،
ساهَڙُ مِليو تَنِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 10 ]

پينگها پَسِئو روءِ، وَڃِيو وَٿاڻَنِ ۾،
دُونھِينءَ پاسي دوسِتَ جي، پاڻُ پَڇاڙِئو پوءِ،
ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، شالَ اَچِي اوراھُون ٿِئي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 15 ]