سارَنگَ جي سنڌي معنيٰ
جهڙالِي مندَ، جهڙ، ميگهہ، جهڙالو، مَلهار، ڇَمر. اَبر، ڪڪر، بادل. سانوڻ موسم. ھڪ راڳ جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cloudiness, cloudy season. Name of a raga.
سارَنگَ جا بيتن ۾ حوالا
آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 3 ]
سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 3 ]
جِھَڙِي لالِي لاکَ جِي، تِھَڙِي سارَنگَ سِٽَ،
اِيئَن سي اُٻُنِ اَنگِئا، جِيئَن سي چُنِيءَ چِٽَ،
بَرَسِئو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 2 ]
اِيئَن سي اُٻُنِ اَنگِئا، جِيئَن سي چُنِيءَ چِٽَ،
بَرَسِئو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 2 ]
سارَنگَ سارَ لَھيجِ، اللهَ لَڳِ اُڃِيَنِ جي،
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ،
وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 6 ]
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ،
وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 6 ]
ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي سارِينِ،
آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ،
سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ،
پَلُرُ پِيارينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگوُندِروَ.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 9 ]
آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ،
سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ،
پَلُرُ پِيارينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگوُندِروَ.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 9 ]
سارَنگَ کي سَعيو، توکي سَعيو نَہ ٿِئي،
گُڙي ٿو گَنباٽَ ۾، آيو ڪِي آيو،
مَتان اِيئَن ڀانيو، تَہ بادَلَ وَسِي بَسِ ڪِي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 10 ]
گُڙي ٿو گَنباٽَ ۾، آيو ڪِي آيو،
مَتان اِيئَن ڀانيو، تَہ بادَلَ وَسِي بَسِ ڪِي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 10 ]
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙِي ڪِئائِين جوڙَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ،
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا کوڙَ،
سارَنگَ لاٿِي، سوڙَھ، سَڀُ ڏيھُ سَھائو ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 4 ]
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ،
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا کوڙَ،
سارَنگَ لاٿِي، سوڙَھ، سَڀُ ڏيھُ سَھائو ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 4 ]
حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ،
جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ،
پَنجَنِ مان پَنِرَھِ ٿِئا، اِيئَن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،
ڏُڪارِيا ڏيھَنِ ۾، مُوذِي سَڀَ مَرَنِ،
مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا ٿَرَ چَرَنِ،
وَرِي وَڏِيءَ وَسَ جُون، ڪي ڳالِهيُون ڳائِجَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَڀَن، آھي تُنھِنجو آسِرو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 5 ]

اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِئا بُرِجَن سين،
سازَ سارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄايائِيينَ بَرِجَنگَ،
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 5 ]
سازَ سارِنگِيُون سُرِندَڙا، وَڄايائِيينَ بَرِجَنگَ،
صُراحِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 5 ]
English Meaning
Cloudiness, cloudy season. Name of a raga.