تازِي جي سنڌي معنيٰ
گهوڙي جو هڪ قِسم، عربي گهوڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Arabic breed of horse.
تازِي جا بيتن ۾ حوالا
اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا پَٽِ سُونھَنِ،
سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ،
اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي سارَنگُ سارِيان،
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 21 ]
سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ،
اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي سارَنگُ سارِيان،
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 21 ]
راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ،
ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ،
جِتِ اَچَنِ نَہ اُڙِدا بيگيُون، اُتِ ڪوٺايو اَمِينَ،
تازِي ڏِيوسِ تَڪِڙا، جوھَرَ پائي زِينَ،
ٻِئو مَڱي ڪِينَ، ڌاران سِرَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 18 ]

پائي پَٽِ ڪَڻا، تان مُون مُورُ نَہ مَڱِئو،
تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا،
ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ ھَڻان،
جا مَٿي تو مَڻا، تَنھِن آئُون سِرَ جو آيُسِ سيڪِڙُو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 4 ]
تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا،
ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ ھَڻان،
جا مَٿي تو مَڻا، تَنھِن آئُون سِرَ جو آيُسِ سيڪِڙُو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 4 ]
ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جٖي ڏي وِلَهنِ ويلا،
ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا، ڪَنِ تازِي طَبيلا،
سَمي سَويلا، طاماعُو تارِ ڪِئا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 19 ]
ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا، ڪَنِ تازِي طَبيلا،
سَمي سَويلا، طاماعُو تارِ ڪِئا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 19 ]
ڏَڏُ ٿِي گُهرُ، ڇَڏِ وِڄا جِي وائِي،
سَمي راتِ سَنباھِئا، تازِي تو لائِي،
جو ڄاڻي نَہ ڳائِيۡ، تَنھِن سين ٻيلي ڌَڻِي ٻاجَهہ ڪِي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 26 ]
سَمي راتِ سَنباھِئا، تازِي تو لائِي،
جو ڄاڻي نَہ ڳائِيۡ، تَنھِن سين ٻيلي ڌَڻِي ٻاجَهہ ڪِي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 26 ]
ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلَ،
تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو جُهلَ،
ھُئا جٖي اَمُلَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 1 ]
تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو جُهلَ،
ھُئا جٖي اَمُلَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 1 ]
ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِينَ،
تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو زِينَ،
ھُئا جٖي اَمِينَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 2 ]

مُوران ماٺو نَہ ٿِيي، تازِي جو توڙان،
ھاٿِي جي ھِيڻُو وَھي، تَہ گهَڻَ مُلُهو گهوڙان.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 2 ]
ھاٿِي جي ھِيڻُو وَھي، تَہ گهَڻَ مُلُهو گهوڙان.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 2 ]
آئُون شَلَ ويڙِه وَڃان، جِتي مارُوئَڙا اَلا،
تازِي مَڪَ مَلِيرَ جِي، موڙِئو ڏارَ ڀَڃان،
ويندِيَسِ اَباڻَنَ ڏي، ڳائي ڳيجَ گَڃان،
ٿاريلِيَنِ جي ٿَرَ تان، ڀيرو ڪِينَ ڀَڃان،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اَٿَمِ آسَ اَڃان.
[ سُر مارئي، وايون، 16 ]
تازِي مَڪَ مَلِيرَ جِي، موڙِئو ڏارَ ڀَڃان،
ويندِيَسِ اَباڻَنَ ڏي، ڳائي ڳيجَ گَڃان،
ٿاريلِيَنِ جي ٿَرَ تان، ڀيرو ڪِينَ ڀَڃان،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اَٿَمِ آسَ اَڃان.
[ سُر مارئي، وايون، 16 ]
English Meaning
Arabic breed of horse.
تازِي ٻول جا زمرا