گهَڻو جي سنڌي معنيٰ
جهجهو، مَڻو، زيادہ، جام، بسيار، جال، ڳَپل، ٻَھون، گائبو، سُٻَيل، ڏاڍو، ڳچ، ڪئين، ڍير، وافر، ريل، ڇيل . ظرف. نھايت، تمام، خوب، عموما، اڪثر، گهڻو ڪري، عام طرح، رواجي نموني، سچو پچو، پڪو ٺڳ، بلڪل، زور، نڀو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Enough, many, much, abundant, plentiful, copious.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
گهَڻو جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو،
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
مِٺايان مِٺو گهَڻو، ڪَڙوۡ ناھِ ڪَلامُ،
سُڪُوتُوءِ سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 10 ]
سُڪُوتُوءِ سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 10 ]
آھي گهَڻو اَگَهنِ جو، تَرسُ طَبِيبَنِ،
ڪِئو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِرِيءَ ري ڪِي نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 5 ]
ڪِئو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِرِيءَ ري ڪِي نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 5 ]
ڪارائِيان قَرِيبُ، وَنِيئُون ويجهو گهَڻو،
دارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ،
ايھي حالِ حَبِيبُ، ساھان اوڏو سُپِرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 22 ]
دارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ،
ايھي حالِ حَبِيبُ، ساھان اوڏو سُپِرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 22 ]
عِناتا اِتاھِين، جانِي جَڙي ٻَڌُ،
آھي گهَڻو اَھکو، فَقِيريءَ جو فَندُ،
چَکين تَہ چَرِئو ٿِيين، مَيخاني جو مَندُ،
ڪِينَ ڪَڍَندين ڪَنڌُ، مَنجهان سَڱُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 12 ]
آھي گهَڻو اَھکو، فَقِيريءَ جو فَندُ،
چَکين تَہ چَرِئو ٿِيين، مَيخاني جو مَندُ،
ڪِينَ ڪَڍَندين ڪَنڌُ، مَنجهان سَڱُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 12 ]
صَبُرُ گهَڻو سَڦِرو، ٻِي جُڳائي ماٺِ،
پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ،
ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 27 ]
پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ،
ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 27 ]
تارا تيلاھِين، توڏي گهَڻو نِھارِيان،
سَڄَڻُ جيلاھِين، تُون تيلاھِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 5 ]
سَڄَڻُ جيلاھِين، تُون تيلاھِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 5 ]
تارا تيلِيءَ رُوءِ، آئُون تو ڏُونھِن گهَڻو نِھارِيان،
سَڄَڻُ جَنھِين جُوءِ، تُون تيڏاھيِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 6 ]
سَڄَڻُ جَنھِين جُوءِ، تُون تيڏاھيِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 6 ]
تَنَ ۾ طَراَزَ توھَ جِي، گهَڻو لَهُہ گهوري،
اَدَبَ ۽ اِخلاصَ جا، ٻَڌِجِ سِڙَه سوري،
وَکَرُ وينَتِيُن جو، تَنھِن ۾ پاءِ توري،
تَہ عَدَنِؤُن اوري، تُنھِنجو تَوائي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 15 ]
اَدَبَ ۽ اِخلاصَ جا، ٻَڌِجِ سِڙَه سوري،
وَکَرُ وينَتِيُن جو، تَنھِن ۾ پاءِ توري،
تَہ عَدَنِؤُن اوري، تُنھِنجو تَوائي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 15 ]
سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،
ڪارَڻِ وَڻِجاري، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 21 ]
ڪارَڻِ وَڻِجاري، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 21 ]
English Meaning
Enough, many, much, abundant, plentiful, copious.