گهارِينِ جي سنڌي معنيٰ
رھن، گذارينِ، گذارو ڪن، نڀائين، ترسن، جيون گذارين
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Live, dwell, stay
گهارِينِ جا بيتن ۾ حوالا
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]

گَهرين جٖي گهارِينِ، سي ڪَمِيڻِيُون ڪُوڙِيُون،
وِڃائي وَرِي آيُون، مَحَبتَ جُون مُوڙِيُون،
جٖي سَنجهي سَنڀوُڙِيُون، ساھَڙُ تَنِي سَڏَ ڪَري.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 24 ]

مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي وِسَھي،
ھُوندَ نَہ سُتِيَسِ سَرَتِيُون، ويھِي رَھِيَس وَڻِي،
جَتَ پانھِنجِيءَ جُوءِ ۾، گهارِينِ مانَ گهَڙِي،
ڪيچِيَنِ آئُون نَہ ڪَڙِي، ڪَنھِن ڏُڄَڻِ ڏاوَڻُ ڏانِئيو.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 21 ]

مُون کاھوڙِي لَکِئا، گهَرين نَہ گهارِينِ،
واحِدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ،
گُوندَرُ گُذارِينِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 22 ]

تييُون توشو تِوڻِ نَہ ڪا، ڌُرِيائِينِ ڌارِينِ،
ڏُکِئا سُکِئا ڏِينھَڙا، ٿا گهَٽَ اَندَرِ گهارِينِ،
تَوَڪَلَ ٻَڌائُون تُرَھو، ٻِي وائِي نَہ وارِينِ،
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، اِتي اِخِتيارِينِ،
پَرِ چَڱِي پارِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 3 ]

چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، گهارِينِ مَٿي گَهٽَ،
کِھَ مانڌانُون مَکِڻِي، ڍوئِينِ پاسي ڍَٽَ،
پَنوَهارَ ڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَٽَ،
ساڻيھَ سامُهِين سَٽَ، ڪَندِيَسِ ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 4 ]